اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شعيب شاهين چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي هوندي.اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب شاهين چيو ته ٽيمپرنگ کانپوءِ ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ جي شرح 99.99 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جيڪو بظاهر ناممڪن آهي، ان حوالي سان جلد وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ وارا آهيون.شعيب شاهين چيو ته اسان وٽ، جماعت اسلامي ۽ ٽي ايل پي وٽ مصطفيٰ نواز کوکر جو هڪ ئي فارم 45 آهي جڏهن ته طارق فضل چوڌري وٽ ٻيو ڪجهه فارم 45 آهي، ريٽرننگ آفيسر کي ڪاغذ ٺاهي جاري ڪنداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض وٺندا ته پوءِ اشرافيه کائي ويندي ۽ عوام قرض ادا ڪندو.عدليه کي گهرجي ته انهن چورن ۽ اشرافيه کي روڪي، مان واضح ڪري ڇڏيان ته چورن سان ڪابه ڳالهه نه ٿيندي.هڪ سوال جي جواب ۾ شعيب شاهين چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي مارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، دهشتگرد پاڪستان ڇڏي اڊيالا جيل ڇو ويا، اهو سواليه نشان آهي. پي ٽي آءِ جي باني کي ڪجهه ٿيو ته ذميواري موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي هوندي.










