اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جي باني جي ڀيڻ عليما خان عدالت ۾ عمران خان جي اڪيلائي واري قيد (قيدِ تنهائي) خلاف اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪري ڇڏي آهي.عليما خان اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ دائر ڪيل درخواست ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ، آئي جي جيل خانه جات، چيئرمين نيب، ڊي جي ايف آئي اي ۽ پمز جي ايم ايس کي ڌر (فريق) بڻايو آهي. عدالت ۾ دائر ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 8 اپريل تي وڪيل سان ٿيل ملاقات ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته باني کي 22 ڪلاڪ ۽ بشريٰ بيبي کي 24 ڪلاڪ اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويندو آهي، گذريل 6 مهينن کان باني سان گهروارن يا پارٽي مان ڪنهن جي به ملاقات نه ڪرائي وئي آهي. درخواست موجب، باني کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکڻ جو ذڪر ڪنهن به فيصلي ۾ موجود ناهي، منهنجي ڀاءُ کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکي هڪ غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، باني وڪيل سان ملاقات ۾ ٻڌايو هو ته سندس اک 85 سيڪڙو متاثر ٿي آهي، اڪيلائيءَ ۾ رکڻ هڪ سخت ترين سزا آهي، جڏهن ته باني جي سزا ۾ اڪيلائي واري قيد شامل ناهي. عليما خان درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته باني کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکڻ کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته اها درخواست بئريسٽر سلمان صفدر جي معرفت اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ دائر ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ بشريٰ بيبي جي ڌيءَ پاران به بشريٰ بيبي جي اڪيلائي واري قيد خلاف درخواست دائر ٿي چڪي آهي.










