اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.چيف ڪمشنر آفيس طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 8 ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ جڊيشل ڪمپليڪس جي 11 ۾ ٿيندي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٿاڻي ترنول ۽ ٿاڻي شهزاد ٽائون ۾ داخل ٿيل 2، 2 ڪيسن جي ٻڌڻي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڪمپني، ڪوهسار، رمنا ۽ سيڪريٽريٽ ۾ داخل ٿيل 1، 1 ڪيس جي ٻڌڻي به جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 11 ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ اسلام آباد جي مختلف عدالتن ۾ ٿيندي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين اڄ جڊيشل ڪمپليڪس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سندس خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 3 ڪيس به هلندڙ آهن.










