اسلام ڪوٽ (رپورٽ صادق بجير) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي 5 آگسٽ کي يومِ سياه طور ملهائيندي پي ٽي آءِ اسلام ڪوٽ ٿرپارڪر پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي سنت نيڻورام مندر کان شروع ٿي شهر مان گذرندي اسلام ڪوٽ پريس ڪلب پهتي، شرڪت ڪندڙن احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ۾ سياسي قيدين جي فوري آزادي، آئين ۽ قانون جي بالادستي، جمهوريت جي بحالي، عوامي مينڊيٽ جي احترام ۽ سياسي ڪارڪنن جي بنا امتياز آزادي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي وڪيل لجپت راءِ سوراڻي ڀيل، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ يعقوب چانڊيو، ليڊيز ونگ ٿرپارڪر جي صدر طاهره يعقوب، جنرل سيڪريٽري علمان، جنرل سيڪريٽري مانجي ڀيل، جيٺو مل، نندلال ٿري، لجپت راءِ ملاهاڻي، والجِي، هالو ڀيل ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آئي جي باني عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين پي ٽي آئي اڳواڻن کي بيگناهه قيد ۾ رکيو ويو آهيآزاد عدليه، قانون جي برابر حڪمراني، عوامي راءِ جو احترام ۽ جمهوري قدرن جو تحفظ ئي ملڪ جي استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهن. هنن مطالبو ڪيو ته سمورن سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪري ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجب جمهوري عمل کي يقيني بڻايو وڃي. ريلي جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو آئين، جمهوريت، انصاف ۽ عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي پرامن سياسي جدوجهد جاري رکندا.










