ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته عمران خان بلٽ پروف برقعو پائي عدالت ويندو آهي، کيس سٺو لڳندو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته اهو ڪريڊٽ عمران خان کي وڃي ٿو ته هن بلٽ پروف برقعو متعارف ڪرايو، ٻي صورت ۾ اهو عورت جو حق هو.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته عارف علوي صاحب کي ان ايجاد تي عمران خان کي ميڊل ڏيڻ گهرجي ها.ناصر شاهه چيو ته عمران جديد انقلابي ليڊر آهي جيڪو بلٽ پروف ڪار ۾ اچي ٿو، بلٽ پروف برقعو پائي ٿو ۽ بنڪر ۾ سمهي ٿو پر غريبن جا مسئلا حل ڪندو.هن اهو به چيو ته هن ملڪ ۾ اڳ به ڪيترائي مسخرا ٿي چڪا آهن










