خان جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جي سخت نگراني جو فيصلو

خان جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جي سخت نگراني جو فيصلو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي آفيسرن طرفان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مبينه سهولتڪاري جي معاملي تي سيل جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جي سخت نگراني جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جيل ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار به سيل جي چوڌاري مقرر رهندا، سيل جي چوڌاري جيل عملي کي هفتيوار تبديل ڪيو ويندو.ذريعن ٻڌايو آهي ته اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران جيل عملي کي صحافين، وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب جيل جي اندر رهائش پذير اهلڪارن جي به مڪمل تلاشي ورتي ويندي، ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن ڪالهه ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل محمد اڪرم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. محمد اڪرم تي پي ٽي آءِ باني لاءِ جاسوسي، پيغام پهچائڻ ۽ سهولتڪاري جو الزام آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل بلال کان به سيڪيورٽي ادارن ڪالهه رات پڇاڳاڇا ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو