خان جي صحت ٺيڪ آهي، باقي معاملن جي رپورٽ عدالت کي ڏيندس

خان جي صحت ٺيڪ آهي، باقي معاملن جي رپورٽ عدالت کي ڏيندس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر کي ’فرينڊ آف ڪورٽ‘ مقرر ڪندي خان سان لاقات ڪري عدالت ۾ رپورٽ پيس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جنهن بعد هن عدالتي حڪم تي اڊياله جيل م 3 ڪلال تفصيلي ملاقات ڪئي. جنهن بعد هن ميڊيا سان ڳالهائيندي رڳو ايترو چيو ته عمران خان جي صحت ٺيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو باقي معاملن بابت 11 فيبروري تي سپريم ڪورت ۾ لکت ۾ رپورٽ پيش ڪندو. عدالت کيس هدايت ڪئي هئي ته هو خان سان ملاقات ڪري سندس صحت، حالت زار ۽ سندس جيل ۾ موجود سهولتن بابت تحريري رپورٽ جمع ڪرائي.
سپريم ڪورٽ ۾ توشه خانه ڪرمنل ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ڪئي.
عدالت ايڊووڪيٽ سلمان صفدر کي عدالت جو دوست مقرر ڪيو ۽ کيس هدايت ڪئي ته هو پي ٽي آءِ جي باني جي جيل ۾ حالت زار ۽ موجود سهولتن بابت تحريري رپورٽ جمع ڪرائي.
سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته آگسٽ 2023 جي حڪم تحت رپورٽ ان وقت جي آهي جڏهن پي ٽي آءِ جو باني اٽڪ جيل ۾ هو، تنهن ڪري موجوده رهائشي حالتن تي رپورٽ طلب ڪرڻ مناسب آهي، سلمان صفدر کي عدالت جي دوست جي حيثيت سان اڊيالا جيل وڃڻ گهرجي ۽ کيس پي ٽي آءِ باني جي بيرڪ تائين رسائي ڏني وڃي ته جيئن هو تحريري جواب جمع ڪرائي سگهي.
عدالت حڪم ڏنو ته سڀاڻي تائين تحريري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.
ٻڌڻي جي شروعات ۾، چيف جسٽس آف پاڪستان لطيف کوسا کي ڳالهائڻ کان روڪيو.اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته 24 آگسٽ 2023 جي حڪم جي روشني ۾ چيمبر ۾ هڪ تحريري جواب جمع ڪرايو ويو هو.
سندس مطابق، پي ٽي آءِ جو باني اٽڪ جيل ۾ هو جڏهن حڪم ڏنو ويو ۽ 28 آگسٽ 2023 تي هڪ تحريري رپورٽ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ 5 کان 18 آگسٽ تائين جي ميڊيڪل رپورٽ پڻ شامل هئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 24 آگسٽ 2023 جي حڪم کان پوءِ اهڙو ڪو به حڪم رڪارڊ تي ناهي جنهن تي سپريم ڪورٽ اطمينان جو اظهار ڪيو هجي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو