خان تيل جون قيمتون هيٺ ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ تي پهچايو: احسن اقبال

خان تيل جون قيمتون هيٺ ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ تي پهچايو: احسن اقبال

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان تيل جون وڌندڙ قيمتون هيٺ ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ تي پهچائي ڇڏيو هو.ايڪسپو سينٽر ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته دنيا ۾ ٽرانسپورٽيشن ۾ پيٽرول کان جان ڇڏائي پئي وڃي. اي ويز جو انقلاب اچي چڪو آهي. پاڪستان ۾ فيول جو 80 سيڪڙو ٽرانسپورٽ تي خرچ ٿيندو آهي.هن چيو ته آمريڪا ايران جنگ اسان جي تيل جي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته تيزي سان اي ويز طرف اچون. اي ويز ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ 80 هزار روپيه ڏنا ويندا آهن. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي پنهنجي پيدا ٿيل بجلي تي هلايو وڃي.وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو مستقبل اسان جي برآمدات تي ڀاڙي ٿو. اسان بدقسمتي سان ڊالر کايو پٽ وڌيڪ آهن ۽ ٺاهيو پٽ گهٽ آهن. 90 لک پرڏيهي پاڪستاني 40 ارب ڊالر ڪمائيندا آهن. ڊالر کپائڻ واري معيشت جي بجاءِ ڪمائيندڙ معيشت بنجڻو آهي. ٻئي صورت ۾ آءِ ايم ايف جي ڄار مان نه نڪري سگهنداسين. اسان کي برآمدات ذريعي ڊالر ڪمائڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻو آهي.احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي معيشت مضبوط تڏهن ٿيندي جڏهن اسان جو ايڪسپورٽر وڌ کان وڌ ڪم ڪندو. پاڪستان جي ترقي جو دارومدار برآمدات تي آهي. پاڪستان اي وي سيڪٽر ۾ دنيا جو وڏو مقام پيدا ڪري سگهي ٿو. ايڪسپورٽرز مختلف ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن پر اسان کي انهي ۾ وڌيڪ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻو آهي. حڪومت ايف بي آر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ته جيئن انساني جهنجهٽ ختم ٿي سگهي.هن چيو ته 12 سالن کان پوءِ پاڪستان کي ٻيهر اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي 4 سالن ۾ پاڪستان ڊيفالٽ ٿي ويو هو. پاڪستان ۾ عدم اعتماد تحريڪ ڪامياب ٿي ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچو. شهباز شريف جي بهترين فيصلن سبب دنيا ۾ ٽرن رائونڊ ٿيندا آهن. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو آهي ته اسان به مجبور ٿيندا آهيون. هن وقت تيل جون قيمتون گوگل تي وڃي ڏسي سگهو ٿا. پي ٽي آءِ باني جڏهن تيل جون قيمتون مٿي وڃي رهيون هيون ته هن هيٺ ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ تي آندو هو.هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي جنگ صرف پاڪستان نه پيو ڀوڳي پر آمريڪا ۾ به مهانگائي جي لهر آيل آهي، جيئن ئي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون هيٺ اينديون ته اسان به قيمت گهٽ ڪري ڇڏينداسين جنگ جا اثر 193 ملڪن تي پئجي رهيا آهن ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته معاهدو نه ٿئي. پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن معاهدو ڪرايو. اميد آهي ته جلد حوصله ڏيندڙ بريڪ ٿرو ٿيندو. اسان اميد رکون ٿا ته آمريڪا ۽ ايران جي قيادت معاهدي تي واپس ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو