خانپورمهر(رپورٽ فتاب سيال) خانپورمهر ويجهو قاضي واھ کي آر ڊي 70 وٽان 20 فوٽ گهارو پئجي ويو سوين ايڪڙن پوکيل فصل ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙ پاڻي هيٺ متاثر ڳوٺاڻن جو انتظاميه خلاف احتجاج.ڳوٺ علي مهر ويجهو پل ڀرسان گهارو پوڻ ڪري ڪيئ ڳوٺ پاڻي هيٺ ڳوٺاڻا پريشان ٿي ويا آهن، جڏهن ته گهارو لڳڻ ڪري ڀرپاسي ۾ سوين ايڪڙن پوکيل ڪڻڪ، ڪمند سميت مختلف فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، هوڏانهن ڳوٺاڻن حاجي نواب مھر، شھزادو مھر،ڪريمداد مھر، امين مھر، اڪبر مھر،حافظ مولا بخش مهر، مکڻو فقير مھر ۽ ٻيا آبادگار آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي جي ڪري واھ کي گهارو لڳو آهي جنهن سبب اسان جو سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، هنن چيو ته گهارو پوڻ جو فوري اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي جو عملو نه پهتو ۽ ئي پاڻي جو وهڪرو گهٽايو آهي اسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون آبپاشي عملي بااثر ماڻهن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ واھ جا در بند ڪيا ته گهارو پئجي ويو، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي










