دبئي (ويب ڊيسڪ) عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لاهي چاڙهي جاري آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، اڄ برينٽ خام تيل 71 ڊالر في بئريل جڏهن ته آمريڪي خام تيل (WTI) 68 ڊالر في بئريل جي سطح تي ٽريڊ ڪندو رهيو. ان کان علاوه گڏيل عرب امارات (UAE) جو مربن خام تيل به 66 ڊالر في بئريل تي موجود رهيو. ٻئي طرف ايسائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ گڏيل رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڪجهه مارڪيٽن ۾ خريداري جڏهن ته ڪجهه ۾ وڪري جو رجحان غالب رهيو. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب زبردست تيزي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڪي ايس اي (KSE) 100 انڊيڪس 2 هزار 82 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 454 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو.










