حيدرآباد (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ خالد مقبول صديقي ٻيو الطاف حسين ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪري، سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو تاريخي وطن آهي، سنڌ اسان جي ماءُ آهي ايم ڪيو ايم ھميشہ معصوم ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي قتل و غارت ڪندي آهي. اردو، سنڌي، پنجابي، پشتون ۽ بلوچ ڀائر آهن، انهن ۾ نفرتون پکيڙڻ جي سياست نہ هلندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي طاقتن جي هدايت تي ايم ڪيو ايم سدائين پاڪستان جي سالميت ۽ سنڌ جي 6 هزار سالا ثقافت تي حملي آور ٿيڻ لاءِ سازشون ڪندي آهي اهي سدائين سنڌ ۽ پاڪستان تي حملي آور ٿين ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم 12 مئي تي ڪراچي ۾ ماڻهن کي تترن وانگر ذبح ڪيو ويو، شهيد محمد نواز ڪنراڻي، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽي، سني تحريڪ ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن کي وڏي بي رحميءَ سان قتل ڪيو اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم سڀ کان وڌيڪ نقصان اردو ڳالھائيندڙ مائرن کي ڏنو آھي، ھنن نوجوانن کي ڪتابن بدران ھٿيار ڏنا، انھن جي مھذب سڃاڻپ بنائڻ بدران ڪن ڪٽا، لنگڙا ۽ ڪاڻا وارا نالا ڏنا. اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو آھن ۽ اسان جا ڀائر آھن۔ ايم ڪيو ايم جي ايجنڊا نفرت ۽ ھٿيار رھي آھي، ھنن سدائين يڪجھتي ۽ ڀائيچاري کي نقصان ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڀ اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن پر انهن عنصرن کي سڃاڻڻ گهرجي جيڪي نسل پرستي، تعصب، اشتعال انگیزي ۽ بدامني پکيڙي رهيا آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ويجهو اچي رهي آهي، هي ماڻهو نفرت ۽ ٽڪراءَ وارو ڪارڊ استعمال ڪري رهيا آهن، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن سوين معصوم مھاجرن جو قتل عام ڪرايو آهي. هي اهي ئي ماڻهو آهن جن بلديا فيڪٽري ۾ سوين ماڻهن کي ساڙي ماري ڇڏيو، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن نشترپارڪ ۾ سني تحريڪ کي اڏايو هو، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن 12 مئي ۽ 22 مئي تي هٿين خالي ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو، هي اهي ئي آهن جن نصيرالله بابر کي مخاطب ٿي چيو تہ تنهنجي سائز جي ٻوري ٺهي چڪي آهي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن وڪيلن کي سندن آفيس ۾ زندھ ساڙي ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اوهان کي ذري جيترو بہ حياءَ ۽ شرم ڪون ٿو اچي۔ اوهان پنهنجي ماڻهن کي ئي ماري ڇڏيو۔ اوھان حڪيم سعيد هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو کي قتل ڪري ڇڏيو، اوهان صلاح الدين کي ماريو، اوهان پنهنجي ئي پارٽي جي اڳواڻن عظيم الدين طارق، عمران فاروق کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻين پارٽين کي ڇڏيو اوهان پنهنجي ئي پارٽي جي ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻايو، ايم ڪيو ايم حقيقي جي ماڻهن کي اوهان قتل ڪيو، اي پي ايم ايس او جي ماڻهن کي، پي ٽي آئي، جماعت اسلامي جي ڊاڪٽر پرويز جهڙن ماڻهن کي اوهان بيدردي سان قتل ڪيو، شهيد نواز ڪنراڻي، شھيد غزالا بتول صديقي کي ڇڏيو اياز لطيف پليجي چيو تہ نفرت واري ڳالھ ڪري ماڻهن ۾ ٽڪراءُ پيدا نہ ڪجي، اسان انڊس سولائيزشن جا ماڻهو سمجهون ٿا هي قائمخاني، خانزادا، آرائين، راجپوت ۽ ٻيا اردو ڳالھائيندڙ اسان جو حصو آهن، اهي اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، اسان جو حصو آهن. اوهان جيڪي حرڪتون ڪيو پيا ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ ۽ ڀڙڪائڻ واريون حرڪتون نہ ڪيو، جنهن جا نتيجا اوهان پهرين ڀوڳي چڪا آهيو، اوهان جي ٿوري ڪن مهٽ ٿئي ٿي ڀڄي ٿا وڃو۔ اوهان کي ڪير لٺ ٿو ڏيکاري اوهان پنهنجي پارٽي جي ليڊر کي ڇڏي ڀڄي وڃون ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اردو ڳالهائيندڙ شاندار ماڻهو آهن، اردو رڳو اوهان جي آهي ڇا يا رڳو اردو ڳالهائيندڙ اوهان جا آهن، اوهان ڪير آهيو اردو زبان تي حق جتائڻ وارا، اوهان فيض احمد فيض جا پرستار آهيو، فيض تہ پنجابي هو، ڇا اوهان احمد فراز کان وڌيڪ اردو جا علم بردار آهيو، فراز تہ پشتو ڳالهائيندڙ هو، اوهان کان وڌيڪ شيخ اياز اردو ۾ڪتاب لکيا، رسول بخش پليجو، حيدربخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي اردو جا پرستار هئا، اوهان اردو جا وارث ڪون آهيو۔ اياز لطيف پليجو چيو تہ ڪنهن بہ اردو ڳالهائيندڙ ڀيڻ، ڀاءُ ٻار سان زيادتي ٿيندي تہ آئون آواز اٿاريندس ۽ انصاف لاءَ جدوجهد ڪندس۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اوهان اردو ڳالهائيندڙن جا چيمپيئن نہ بڻجو نہ ئي هڪ ٻي سان وڙهائڻ جي ڪوشش نہ ڪيو، اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي اوهان اڪيلو نہ ڪيو، انهن ۾ درجنين هزارين سٺا لکين سٺا ماڻهو موجود آهن، اديب رضوي، تاج حيدر، انيس هارون، اقبال حيدر، ڪرامت علي سان اسان ڇو محبت ڪندا آهيون؟ ڇو تہ اهي نفرتن کان پري آهن۔ اسان جي جلسن پروگرامن ۾ ايندا آهن، اهي سنڌي، پاڪستاني، سن آف سوائيل آهن۔ اوهان جي هڪ هٺي ختم ٿيندي ۽ نيون ڪانسٽيٽيونسيون ٺهنديون. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئون اوهان کي خبردار ٿو ڪيان تہ نفرتن جي سياست نہ ڪيو، ڏار وجهڻ جي ڪوشش نہ ڪيو. اسان سنڌي قوم سڀ هڪ ٻي سان جڙيل آهيون۔ اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، اوهان پنهنجي خواب ۽ خيال مان ڳالھ ڪڍي ڇڏيو تہ سنڌين کي ڪچلي توهان بادشاهي ڪندا۔ اها دماغ مان هوا ڪڍي ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ کي نفرت جي سياست وڏو نقصان ڏنو آھي۔ نفرت جي سياست انسانيت جي دشمن آھي۔ ملڪ ۾ رھندڙ سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون، سرائڪي، مھاجر ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائر آھن۔ انھن جي ترقي ملڪ جي ترقي آھي۔ عالمي سامراجي طاقتون ملڪ ۾ انتشار چاھين ٿيون، انھن جي ھدايت تي نفرت ۽ انتشار پکيڙيو وڃي ٿو۔










