خالده ضياءَ جي جنازي نماز ادا،هزارين ماڻهن جي شرڪت

خالده ضياءَ جي جنازي نماز ادا،هزارين ماڻهن جي شرڪت

ڍاڪا: (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي پهرين عورت وزيراعظم خالده ضياءَ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. خالده ضياءَ جي جنازي نماز ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي پارليامينٽ هائوس جي سامهون ميا مانڪ ايونيو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي اڳواڻن سميت هر طبقي فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.چيف ايڊوائيزر بنگلاديش ڊاڪٽر محمد يونس به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت جي نمائندگي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اياز صادق پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان خالده ضياءَ جي گهر ڀاتين سان تعزيت ڪندو.خالده ضياءَ کي سندس مڙس ۽ اڳوڻي بنگلاديش جي صدر ضياءَالرحمان جي پاسي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته 2 ڀيرا بنگلاديش جي وزيراعظم رهندڙ خالده ضياءَ جو لاڏاڻو 2 ڏينهن اڳ ڍاڪا جي اسپتال ۾ ٿيو هو. خالده ضياءَ 1991ع کان 1996ع ۽ پوءِ 2001 کان 2006 تائين بنگلاديش جي وزيراعظم رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو