حڪومت ۽ واپارين ۾’فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم‘ تي اتفاق

حڪومت ۽ واپارين ۾’فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم‘ تي اتفاق

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)هڪ سال اڳ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايل تاجر دوست اسڪيم جي ظاهري ناڪامي کان پوءِ، حڪومت جمعي ڏينهن ننڍن واپارين ۽ دڪاندارن لاءِ هڪ نئين اسڪيم “فڪسڊ ٽيڪس آسان اسڪيم” جو اعلان ڪيو، جيڪا انهن ڪاروبارن تي لاڳو ٿيندي جن جو ساليانو واپار (ٽرن اوور) 20 ڪروڙ رپين تائين هجي۔
هن اسڪيم جو اعلان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير براءِ ناڻي بلال اظهر ڪياني ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جي ميمبر حامد عتيق سرور هڪ رڪارڊ ٿيل پيغام ذريعي ڪيو۔
هنن ٻڌايو ته هي فڪسڊ ٽيڪس نظام واپاري تنظيمن ۽ نمائندن سان صلاح مشوري کان پوءِ تيار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته واپاري برادري هڪ سادي ٽيڪس ادائيگي واري طريقيڪار جو مطالبو ڪري پئي.
بلال اظهر ڪياني، جنهن واپاري برادري سان تفصيلي ڳالهين ۾ حڪومتي ٽيم جي اڳواڻي ڪئي، چيو ته نئين اسڪيم انهن ڪاروبارن تي لاڳو ٿيندي جن جو ساليانو ٽرن اوور 20 ڪروڙ رپين تائين هجي۔ هن چيو ته اسڪيم تحت واپارين کي هڪ سادي فارم ذريعي پنهنجي ڪل سيلز جو 1 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ۽ اهو فارم مقامي ٻولين ۾ به دستياب هوندو۔
ناڻي واري وزير چيو ته ادا ڪيل ٽيڪس اڳ ۾ ڪٽيل وٿ هولڊنگ ٽيڪس سان ايڊجسٽ ٿي سگهندو، بشرطيڪه ٽيڪس فارم جمع ڪرائڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا ادا ڪيا وڃن۔ ٻي صورت ۾ 1 سيڪڙو جي معياري شرح لاڳو ٿيندي۔
هن چيو ته هي اسڪيم اختياري هوندي، يعني واپاري پنهنجي مرضي سان ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿا يا موجوده عام ٽيڪس نظام هيٺ رهڻ جو انتخاب ڪري سگهن ٿا۔
اسڪيم اختيار ڪندڙ واپارين کي سندن ڪاروباري هنڌ تي لڳائڻ لاءِ هڪ خاص تختي ڏني ويندي، جنهن تي سندن نالو، رجسٽريشن نمبر، نيشنل ٽيڪس نمبر (NTN) ۽ هڪ QR ڪوڊ درج هوندو۔
وزير موجب، جيڪڏهن ٽيڪس انسپيڪٽر QR ڪوڊ اسڪين ڪري ۽ اهو صحيح ثابت ٿئي، ته کيس ٽيڪس جاچ لاءِ ڪاروباري هنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي۔
بلال ڪياني چيو ته نئين اسڪيم ۾ شامل واپارين کي پوائنٽ آف سيل (POS) نظام ۽ آڊٽ کان به استثنا حاصل هوندي۔ جيڪڏهن ڪنهن خاص حالت ۾ ٽيڪس تڪرار پيدا ٿيو ته اهو لاڳاپيل واپاري تنظيم سان مشاورت ذريعي حل ڪيو ويندو۔
هن ٻڌايو ته نان فائلر ۽ فائلر ٻئي اسڪيم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، بشرط گذريل ٽن سالن مان ڪنهن به سال سندن ٽرن اوور 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نه هجي ۽ ادا ٿيندڙ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي۔
هن وڌيڪ چيو ته ٽئين درجي جا واپاري، جيڪي نه فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم ۾ شامل ٿيندا ۽ نه ئي عام ٽيڪس نظام ۾، انهن تي پهرين مهيني 10 هزار رپيا، ٻئي مهيني 25 هزار رپيا ۽ ٽئين مهيني 51 هزار رپيا ماهوار ڏنڊ لاڳو ٿيندو۔
مملڪتي وزير دعويٰ ڪئي ته هي نئين اسڪيم ماضي جي ناڪام منصوبن مان سبق حاصل ڪري تيار ڪئي وئي آهي ۽ “هن ڀيري ڪامياب ٿيندي”۔ هن واضح ڪيو ته ٺيلاها، ريڙها ۽ ننڍا اسٽال هلائيندڙ واپاري هن اسڪيم کان آزاد هوندا۔
حميد عتيق سرور چيو ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 44 لک واپاري آهن، جن مان اٽڪل 35 لک نئين اسڪيم جي دائري ۾ ايندا۔ هن چيو ته ٽيئر-1 درجي جا وڏا واپاري، جيڪي گهڻو ڪري برانڊڊ شعبي سان لاڳاپيل آهن، هن اسڪيم ۾ شامل نه ٿي سگهندا۔ اهڙن ڪاروبارن جو انگ 50 هزار کان 1 لک جي وچ ۾ آهي۔
سرور چيو ته نئين اسڪيم ۾ شامل ٿيندڙ اڪثر واپاري تمام گهٽ يا بلڪل به ٽيڪس ادا نه ڪندا هئا، تنهن ڪري سندن ننڍيون ادائگيون به سرڪاري آمدني ۾ اهم اضافو آڻينديون ۽ اڳ ۾ ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار نه پوندو۔ هن زور ڏنو ته هن اسڪيم کي ٽيڪس ايمنسٽي (عام معافي) اسڪيم نه سڏيو وڃي۔
عملدارن موجب، اسڪيم انهن ماڻهن تي لاڳو ٿيندي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن کان ڪاروبار ڪري رهيا آهن، دڪان يا ڪاروباري جڳهه رکن ٿا ۽ مخصوص پيشاور خدمتن سان لاڳاپيل نه آهن۔
2025ع کان اڳ ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائيندڙ ننڍا ٽيڪس ڏيندڙ به، جيڪڏهن مقرر شرطون پوريون ڪن، ته هن سادي نظام ۾ شامل ٿي سگهن ٿا۔
واپاري FBR جي ويب سائيٽ، موبائل ايپس يا ٽيڪس ماهرن ذريعي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا، ۽ کين وڪرو، خرچن، خريداري ۽ ٻين ڪاروباري معاملن جو سادو ۽ منظم رڪارڊ رکڻو پوندو۔
اسڪيم اختيار ڪندڙن کي ايڪٽو ٽيڪس پيئر لسٽ (ATL) جي حيثيت، گهٽ وٿ هولڊنگ ٽيڪس ۽ مالي اعتبار ۾ بهتري جهڙا فائدا حاصل ٿيندا۔
هي اعلان ايندڙ مالي سال 2026-27ع جي وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو ويو آهي۔ 10 جون تي پيش ٿيندڙ بجيٽ بابت اميد آهي ته اها آءِ ايم ايف جي سخت نگراني هيٺ تيار ڪئي ويندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو