اسلام آباد(اياز مهر) مولانا غفور حيدري ۽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي ملاقات تي پيپلز پارٽي اعتراض ڪري ڇڏيو جنهن بعد جي يو آءِ طئي ڪيل ملاقات رد ڪري ڇڏي. جي يو آءِ جو ڇوڻ آهي ته 22 آڪٽوبر تي سڏايل رهبر ڪميٽي جي اجلاس بعد ان بابت غور ٿيندو. اڳ ۾ آزادي مارچ بابت ڳالهين لاءِ پهريو دفعو باضابطه طور حڪومت جي يو آءِ جي مولانا عبدالغفور سان رابطو ڪري ورتو. چيئرمين سينٽ ۽ حڪومتي 7 رڪني ڪميٽي جي ميمبر صادق سنجراڻي رابطو ڪري ملاقات لاءِ وقت گهريو ۽ آچر تي شام ملاقات جو طئي ٿيو. مولانا حيدري جيو نيوز جي پروگرام نيا پاڪستان ۾ ڳالهائيندي واضح ڪيو ته اسان جو اصولي فيصلو آهي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين ڳالهيون نه ٿينديون. هن چيو ته ان جي باوجود به صادق سنجراڻي ملاقات جو اسرار ڪيو تنهن ڪري کيس وقت ڇڍڏنو ڇو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪبا. هوڏانهن پشاور ۾ جي يو آءِ جي صوبائي صدر عطاءَ الرحمان جي سربراهي ۾ ڇنڇر تي ٿيل اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته آزادي مارچ پر امن آهي اهو هر حال ۾ ٿيندو ۽ جيڪڏهن ان کي حڪومت روڪيو ته سڄو ملڪ جام ڪري ڇڏينداسين.

اجلاس ۾ اي اين پي، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ قومي وطن پارٽي جي قيادت شريڪ ٿي. جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته ڊيار اسماعيل خان سميت صوبي جي ڏاکڻين ضلعن جا قافلا 31 آڪٽوبر تي فتح جهنگ واري پاسي اسلام ۾ داخل ٿيندا جڏهن ته پشاور، ملاڪنڊ، مردان ۽ هزاره ڊويزن جا قافلا جي ٽي روڊ ذريعي اسلام آباد ايندا، سمورين جماعتن جا اڳواڻ جلوسن جي قيادت ڪندا. ياد رهي ته اپوزيشن جون سڀ اهم جماعتون 31 آڪتوبر واري آزادي مارچ جي حمايت ڪري چڪيون آهن جن پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻيون شامل آهن. حڪومت پاران جوڙيل 7 رڪني مذاڪراتي ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ ڇنڇر تي وزيراعظم جي استعيفيٰ جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن ميري ٽائمز جي وزير علي زيدي ۽ پير نورالحق قادري ڪراچي ۾ بنوريه ٽائون جي مفتي نعيم الحق سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته مدرسن ۽ انهن جي طالبن کي سياست ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجي ان جو دنيا ۾ غلط تاثر ويندو. ٻئي پاسي جي يو آءِ جي رضا ڪارن جي تربيت جاري آهي جيڪي ڏنڊا بردار هوندا ۽ جلوس جو نظم و ضبط برقرار رکندا. ان سان گڏوگڏ اسلام آباد پوليس به مظاهرين کي روڪڻ، ڳوڙها گيس ۽ واٽر ڪينن هلائڻ جون مشقون ڪري رهي آهي.

بظاهر ائين لڳي رهيو آهي ته حڪومت ۽ جي يو آءِ پنهنجي پنهجني هوڏ تي قائم آهن ۽ 31 آڪٽوبر تي ته تماشو ٿيندو ئي سهي پر ان کان اڳ ۾ سڄي ملڪ مان گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويندو. وزيراعظم 22 آڪٽوبر تي ڪابينا جو اجلاس به سڏايو آهي.










