اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) چيف جسٽس جا صوابديدي اختيار گهٽ ڪرڻ بابت قانون سازي واري معاملي تي بينچ ۽ بار ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن. پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ سڄي ملڪ ۾ وڪيلن عدالتن جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجر ايڪٽ 2023 جي مجوزه قانون خلاف ٽن درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ 8 رڪني بينچ جوڙي آهي ۽ اڄ ساڍي يارهين وڳي ٻڌڻي جو اعلان ڪيو آهي. ان فيصلي خلاف پاڪستان بار ڪائونسل چئني صوبائي بارڪائونسلز ۽ سپريم ڪورٽ بار جي مشاورت سان هن بينچ جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستا بارڪائونسل جو چوڻ آهي ته سينئر ججز کي نظر انداز ڪندي هم خيال ججن تي مشتمل 8 رڪني بينچ جو قيام به ان ڳالهه جو متقاضي آهي ته چيف جسٽس جي صوابديدي اختيارن تي نظر ثاني لازمي آهي. ٻئي پاسي حڪمران اتحاد، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) خميس تي سپريم ڪورٽ جي بينچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته عدالت پارليامينٽ جي حدن ۾ مداخلت ٿي ڪري جيڪا قبول ناهي ۽ پارليامينٽ جي خومختاري جو هر فورم تي دفاع ڪيو ويندو. حڪومت ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪابينا جو اجلاس به اڄ طلب ڪيو آهي.










