اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ آئيني ادارن وچ ۾ ايتري تعاون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو آهي.اسلام آباد ۾ علماء ۽ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آرمي چيف به ملڪي مسئلن جي حل لاءِ مشاورت ۾ شامل آهن.هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ سنگين معاشي حالتون آهن، جن جو ذڪر چيف آف اسٽاف به ڪيو آهي.وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي شهيدن جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي تاريخ ۾ 9 مئي کان وڌيڪ ڪو به دل ڏکوئيندڙ واقعو ناهي ٿيو، جيڪي به پاڪستاني هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن انهن کي تسليم ڪيو وڃي.شهباز شريف چيو ته معاشري ۾ ورهاست ختم ڪرڻ جي ذميواري عالمن تي عائد ٿئي ٿي، جيتري قومي اتحاد جي ضرورت آهي اها اڳ ڪڏهن به نه هئي.هن وڌيڪ چيو ته غريب ماڻهو جي بجلي جو بل گهٽ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پاور سيڪٽر ۾ ڏينهن رات ملاقاتون ٿينديون آهن، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ خوشيءَ سان نه وڃان، اها مجبوري آهي، انشاءَ الله اهو اسان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام آهي.










