اسلام آباد(بيورو)حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ڪيا ويا آهن.حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 7 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 235 رپيا 98 پئسا ٿي وئي آهي.ان کان علاوه هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 2 رپيا 99 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 247 رپيا 43 پيسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 79 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي..لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 201 رپيا 54 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 92 پيسا واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 210 رپيا 32 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.










