حڪومت پاران تيل، گيهه ۽ کير جا 36 نمونا غير معياري قرار

حڪومت پاران تيل، گيهه ۽ کير جا 36 نمونا غير معياري قرار

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) رٿابندي واري وزارت پيڪ ٿيل کاڄرو تيل، گيهه ۽ کير جي 36 سيڪڙو نمونن کي غير معياري قرار ڏو آهي.
رپورٽ موجب 491 نمونن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 315 کي قومي معيار مطابق هئا جڏهن ته 176 نمونا غير معياري نڪتا.
پيڪ ٿيل کاڌي جي تيل، گيهه ۽ کير جي معيار بابت ليبارٽري رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي.
منصوبابندي واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب، 176 نمونا جيڪي لڳ ڀڳ 36 سيڪڙو آهن، غير معياري قرار ڏنا ويا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته بناسپتي گيهه جي 204 نمونن مان 98، بلينڊڊ ڪوڪنگ آئل جي 146 مان 40 ۽ پيڪ ٿيل پاڻياٺي کير جي 104 نمونن مان 26 نمونا غير معياري قرار ڏنا ويا.
منصوبابندي واري وزارت موجب، کير جي پائوڊر جي 18 نمونن مان 8، ريفائنڊ پام آئل جي 4 مان 3 ۽ ريفائنڊ ڪينولا آئل جي 13 نمونن مان هڪ نمونو غير معياري قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو