اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت آءِ ايس پي آر جي بيان جي روشني ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي حڪومت طرفان پنهنجا اختيار باهه، گهيرو ۽ پرتشدد ڪاررواين تي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بيان موجب وفاقي حڪومت ادارن خلاف بي بنياد الزامن تي به پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر جي بيان جي روشني ۾ عمران خان ۽ سندس ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جي رياست ۽ ادارن خلاف بيانن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪارروائي لاءِ آئيني ۽ قانوني ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي.اعلان موجب پنجاب جي گورنر هائوس ۽ ٻين شهرن ۾ جلسي، گهيرو ۽ پرتشدد سرگرمين خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران خانگي ملڪيتن تي حملن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئين ۽ قانون خلاف ڪارروائي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










