حڪومت ماڻھن کي رليف ڏيڻ لاءِ سرگرم آھي،شرجيل ميمڻ

حڪومت ماڻھن کي رليف ڏيڻ لاءِ سرگرم آھي،شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت قدرتي آفتن ۽ هنگامي حالتن ۾ ماڻهن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هميشه سرگرم آهي. امدادي ڪارروائي دوران متاثرين کي نه رڳو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي پر انهن جي کاڌي پيتي، طبي علاج ۽ جانورن جي سار سنڀال لاءِ به مڪمل انتظام ڪيا پيا وڃن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ هر ضرورت جي وقت ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. سمورا سرڪاري ادارا، ضلعي انتظاميا ۽ بچاءُ ٽيمون ڏينهن رات متاثرين جي مدد ۾ مصروف آهن ته جيئن وڌ کان وڌ جاني ۽ مالي نقصان بچائي سگهجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گڊو ۽ سکر ۾ وڏي سطح جو ٻوڏ آهي جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ گهٽ سطح جو ٻوڏ آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ 3,522 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، اهڙي طرح محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيندڙن جو ڪل تعداد هاڻي تائين 1,73,027 تائين پهچي ويو آهي. انهن مان 469 ماڻهو اڃا تائين رليف ڪئمپن ۾ رهائش پذير آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ 183 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ سائيٽس ڪم ڪري رهيون آهن جتي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4,174 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ علاج حاصل ڪندڙ ماڻهن جو ڪُل تعداد 92,958 تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران لائيو اسٽاڪ جي حفاظت لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3,192 جانورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، اهڙي طرح 4,50,571 جانورن کي هاڻي تائين منتقل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 39,589 جانورن کي ويڪسين ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ هاڻي تائين ڪل 13,05,573 جانورن کي علاج ۽ ويڪسينيشن فراهم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو