حڪومت لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو:اياز

حڪومت لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو:اياز

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي اغوا، ڦرن ۽ قتل جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ حڪومت لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. پوليس جا جوان قتل ٿي رھيا آھن. سڄي سنڌ مان ماڻھو اغوا ٿي ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گھوٽڪي، خيرپورميرس يا سکر پھچن ٿا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 10ڄڻا اغوا ٿي چڪا آھن. ٻن درجن کان وڌيڪ ماڻھو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن. حڪومت نالي ڪا شئي ناھي. ھر طرف انڌير نگري چرٻٽ راڄ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل متاثر ٿي رھيا آھن.مھانگائي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. مھانگائي سان گڏ بيروزگاري چوٽ چڙھي وئي آھي. وفاقي حڪومت سنڌ کان مڪمل لاتعلق آھي. وفاقي حڪومت وٽ ھڪ ئي ايجنڊا آھي تہ ڪيئن بہ ڪري اقتدار کي چنبڙيو رھجي. جمھوريت، آئين جي حڪمراني حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ ئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ دنيا جي ترقي ۾ تہ شامل ناھي پر ملڪ ۾ ترقي ۾ سڀني کان پوئتي آھي. ھر شعبي ۾ سنڌ بدترين حالتن جو شڪار آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ صحت جو شعبو خود ڪرپشن جي ڪينسر جو شڪار آھي. تعليم جي حالت ٻين صوبن کان وڌيڪ خراب آھي. بلديات کاتو ٻين کاتن کان وڌيڪ ڪرپٽ آھي، جنھن ڪري شھر ڪچري جو ڍير ۽ ڳوٺ کنڊر بنيل آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ھاڻ بيدار ٿي چڪو آھي. ايندڙ اليڪشن ۾ عوام ڪرپٽ حڪمرانن کي رد ڪري ڇڏيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو