اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جون حالتون مشڪل آهن، ملڪ مٿان قرض آهي ۽ هن وقت حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي.”ڪوبه بکيو نه سمهي” پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مرحليوار هن پروگرام کي شروع ڪيو ويندو. ڪچن ترڪ جو ڄار سموري ملڪ ۾ وڇايو ويندو. منهنجي خواهش هئي ته جيڪي اسان جا وزير آهن انهن جي اندر به اهو احساس هجي. اهائي اسان جي اسلامي تعليم آهي ته انصاف ۽ قانون جي بالادستي هجي ۽ رياست پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻي ۽ پوءِ اهو وقت آيو ته جن ماڻهن جي معاشري ۾ ظاهري طور تي ڪابه حيثيت نه هئي پر انهن ئي دنيا جي امامت ڪئي.وزيراعظم چيو ته مون کي احساس هو ته هي ملڪ اسلام جي نالي تي ٺهيو، پر اڃان تائين ان رستي تي ڇو ناهي هليو جنهن جي تعليمات اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ڏني هئي. اسان جون حالتون مشڪل آهن ملڪ تي قبضا آهن، عوام وٽ خرچ ڪرڻ جي لاءِ پئسا گهٽ آهن. هن وقت حڪومت ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آهي. عمران خان چيو ته هن پروگرام جي ڪنهن کي خبر نه هئي ته ان جو ڪيترو فائدو ٿيندو. جڏهن هڪ بکيو انسان ٻن وقتن جي ماني کائي ته الله جي رحمت به ان ملڪ تي نازل ٿيندي ۽ جڏهن الله جي رحمت شامل ٿي وڃي ته پاڪستان به پنهنجي پيرن تي بيهي رهندو.










