حڪومت جي حڪمن ۽ لاڪ ڊائون جون خلاف ورزيون

ملير (رپورٽ شهزادو مستوئي )ملير جي 8 ٿاڻن جي حدن ۾ سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل نه سگهيو لاڪ ڊائون ڪرونا ايس پي پيز ۽ رمضان احترام جون خلاف ورزيون جاري جڳھ جڳھ تي شهرين جي رش برقرار ملير جي سکڻ، بن قاسم، اسٽيل ٽائون، ميمڻ ڳوٺ ملير سٽي قائدا آباد شرافي ڳوٺ ابراهيم حيدري سميت سڀني ٿاڻن جي حد ۾ هوٽل بچت بازارو موبائيل مارڪيٽ سميت ننڍا وڏا ڪاروباري علائقا حد پوليس مقرر وقت تي بند ڪرائڻ ناڪام هڪ طرف سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪرڻ تي زور ڀري رهي آهي ته ٻئي طرف پوليس سندن ڪجهه ٻڌڻ عمل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ملير رمضان خلاف ورزيون ڪرونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ بدران آفيسن کي ترجيح ڏئي ڇڏي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ماڻهو ماڪس جي استعمال ۽ ڪرونا وباءُ کي مزاق بڻائي ڇڏيو، تفصیل موجب ملڪ ۾ ڪرونا وباءُ جي ٽين لهر ماڻهون بي خبر ملير جي شهري توڙي ٻهراڙي واري علائقن ۾ ماڪس ۽ ڪرونا وباءُ جي خطرناڪ نتيجن کان اڃان تائين بي خبر حد پوليس سنڌ حڪومت جي حڪمن کي هوا اڏاري ڇڏيو ڪرونا ايس او پيز رمضان احترام جون خلاف ورزيون ڏينهن ڏينهن زور وٺنديون پيون وڃن مگر ملير انتظاميه اک نه پٽي ملير جي اٺ ٿاڻن جي حدن ۾ رمضان احترام ۽ ڪرونا وباءُ ايس او پيز جون کليون خلاف ورزيون جاري حد پوليس ڪاروباري علائقا بند ڪرائڻ ۽ ايس او پيز تي عمل عملدرآمد بابت ڪٿي سياسي دٻاءُ ته وري ڪٿي پوليس جي اعلي’ آفيسرن جي شفارس آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا ملير، قائد آباد، ملير سٽي، سکڻ، اسٽيل ٽائون، بن قاسم ٽائون، ابراهيم حيدري، شرافي ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ سميت ملير جي 8 ٿاڻن جي حدن ۾ ڪرونا وباءُ بابت ڪابه آگاهي ڄاڻ نه ڏني وئي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي ملير شهرن ۾ نڪري علائقي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي زحمت نه ڪئي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران منافعي خورن عام واهپي جي شين جا اگهه پنهنجي مرضي موجب ورتا رمضان جي آخري مرحلي واري ڏينهن دوران به انتظاميه فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪٿي به نظر نه آئي سنڌ حڪومت شهرين کي رمضان بچت بازارن وارو ڏکاريل خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو هرطرف مهنگائي پنهنجا جوهر ڏيکاريندي رهي غريب مسڪين ۽ پورهيت طبقي سان لاڳاپيل ماڻهون عيد جي خريداري لاءِ حڪومت طرفان ڪنهن پيڪيج جا منظر سنڌ حڪومت چونڊيل نمائندا ۽ حد انتظاميه عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ۽ ڪرونا وباءُ بابت سياسي بيان بازي ڪرڻ ۾ سرگرم نظر آئي هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ طرف سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ٻئي پاسي عام ماڻهو جيڪو ڏهاڙي دار پورهيت آهي انهن کي ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيڪو لاڪ ڊائون دوران پنهنجي گهر جو چلهو ٻاري معصوم ٻارڙن جي پيٽ جي بک اجهائن لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺندي پنجاب واقعي جيان عيد جا ڪپڙا گهرڻ تان گلڙن جهڙن معصوم ۽ مستقبل جي معمار کان هميشه لاءِ انهن جي زبانن کي تالا سندن حياتي جو انت آندو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو