اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪمپني جي شيئرز ۾ حڪومت جي ملڪيت ۾ نمايان واڌ ٿي وئي آهي.ذرائع موجب بينظير ايمپلائيز اسٽاڪ آپشن اسڪيم ٽرسٽ جا 20 ڪروڙ 57 هزار 318 عام شيئرز حڪومت کي منتقل ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ ۾ سرڪاري شيئر هولڊنگ 67.51 سيڪڙو کان وڌي 74.86 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ملڪيت جي منتقليءَ کانپوءِ حڪومت جو اداري تي ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اسڪيم سان لاڳاپيل سمورا شيئرز سرڪاري ملڪيت ۾ شامل ڪيا ويا آهن. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي موڪليل خط ۾ شيئرز جي منتقليءَ جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن.










