سکر (ن سنڌيار) پ پ جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت لاڳيتو وڏيون غلطيون ڪري رهي آهي جنهن جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي.سکر ۾ احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اسان هميشه اهو چئون ٿا ته ويهي ڳالهيون ڪيون وڃڻ پر حڪومت تيار ئي نه آهي. عمران خان پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجهدار سمجهندو آهي. هن چيو ته ڪنهن پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي ڳالهه آهي ته اوهان اهو معاملو پهريان اسيمبلي ۾ کڻي اچو ان کان پوءِ ڪو قدم کڻو.پ پ اڳواڻ چيو ته اسيمبلي مڇي مارڪيٽ بڻيل آهي مون 32 سالن دوران اهڙي بدترين پارليامينٽ ناهي ڏٺي جتي ڪنهن جا به مسئلا حل نه ٿيندا هجن. خورشيد شاهه چيو ته عمران خان چوي ٿو ته 35 هزار ارب روپين جو قرض لاٿو آهي پر آئون کيس چوان ٿو ته پهريان اڪائونٽس ته ڏسي وٺو.










