ٽنڊوباگو (پ_ر) سنڌي هاري تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي نائب صدر رامجي ڪولهي جي ياد ۾ عوامي تحريڪ طرفان ٽنڊو باگو لڳ ڳوٺ سانگي ڦرهو ۾ تعزيتي ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کان اڳ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رامجي ڪولهي جي آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي، کيس سلامي ڏني. تعزيتي ميڙاڪي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، ضلعي بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، اياز کوسو، مھراڻ درس، ايڊووڪيٽ رام ڪولھي، سومار ھاليپوٽو، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجده پرھياڙ، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪلثوم ھاليپوٽو، پوڙھي ھاليپوٽو، بيگم زنئور، شگن ڪولھي، مرتضيٰ جمالي، جيون ڪمار، فاضل زئور، سارنگ ڪلوئي، لکانو خاصخيلي، طالب جروار، امام الدين نظاماڻي، رحمنٰ نھڙي، اشرف رند، سارنگ سنڌي، ريشما ڪولهي، سنڌو جمالي، ڪامريڊ ڀاروڪولهي، آدرش ڪولهي، ڪامريڊ شگن، سڪينا درس، سارنگ ڪلوئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رامجي ڪولهي پنهنجي سموري حياتي پورهيت طبقي لاءِ جدوجهد ڪندي وقف ڪئي. هو پاڻ به هڪ پورهيت هو، فڪر رسول بخش پليجو جي روشني ۾ هن جهر جهنگ وڃي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هن وقت سنڌ مٿان معاشي جنگ مڙهيل آهي، اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ رامجي ڪولهي جهڙن ڪردارن جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، جيڪي فقط پاڻ تائين محدود نه هجن بلڪه ملڪ ۽ قوم جو درد پنهنجو درد سمجهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سڌ حڪومت جي خوراڪ کاتي جي نااھلي سبب ھڪ اٽي جو اڃا به وڌيڪ شديد بحران اچڻ جو خدشو آھي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت غير قانوني طور ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙن جي سرپرستي ڪري رھي آھي. خوراڪ کاتو پنھنجي ئي مقرر ٽارگيٽ جيتري ڪڻڪ خريد ناهي ڪري سگھيو. سنڌ مان غير قانوني طور پنجاب ۽ بلوچستان رستي ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪئي پئي وڃي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت سنڌ سرڪار مڪمل خاموش آھن. غير قانوني طور وڏي مقدار ۾ سنڌ مان افغانستان ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت جو خوراڪ کاتو ۽ پوليس سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ملوث آھن. اڳواڻن چيو تہ سنڌ سرڪار جي نااھلي ۽ خوراڪ کاتي جي بدتر ڪارڪردگي سبب خوراڪ کاتو ھن سال پنھنجي مقرر ڪيل ٽارگيٽ 14 لک ٽن ڪڻڪ خريداري مان ھن وقت تائين 4 لک ٽن مس خريد ڪري سگھيو آھي جيڪو تعداد تمام گھڻو گھٽ آھي ۽ خدشو آھي تہ گذريل سال جيان سنڌ ۾ ھن سال بہ خوراڪ کاتي جي لاپرواھي جي ڪري سنڌ اٽي جي سنگين بحران کي منھن ڏيندي. سنڌ حڪومت جي هي اٽي جو بحران پيدا ڪرڻ واري مجرماني منصوبابندي سنڌ جي غريب مسڪين عوام جو قتل عام ڪرڻ جي سازش کان گهٽ ناهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ خيرداري جا سينٽر کولڻ گھرجن جن وسيلي گھڻي کان گھڻي ڪڻڪ خريد ڪري اٽي جي بحران کان عوام جي جند آجي ڪرائي سگھجي. ان سان گڏ سرڪاري گدامن ۾ پيل ڪڻڪ هٿ وٺي خراب ڪندڙ حڪمرانن کي گرفتار ڪري کين سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گذريل سال ھٿرادو ٻوڏ دوران لکين ماڻھو دربدر ٿيا ھزارين گھر ڊھي ويا پر وفاقي توڙي صوبائي حُڪومت اڃان تائين ٻوڏ متاثرن کي نه گھر ٺھرائي ڏنا نه وري پاڻي ڪڍڻ جو ڪو بندوبست ڪيو ويو. ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ کربين روپيا وٺي اھي ڪرپشن وسيلي ھڙپ ڪيا ويا. ھاڻ وري تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي. گذريل سال دوارن ٻڏل ماڻھو بحال ڪونه ڪيا ويا، پاڻي جي لنگھن تي ڪيل زبردستي قبضا به ختم ڪونه ڪرايا ويا. نااھل ۽ ڪرپٽ حڪمران ھن سال به ماڻھن کي ٻوڙائي اربين روپيا گڏ ڪري پنھنجا ڀڀ ڀريندا.










