حڪمران آءِ ايم ايف ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن: شيخ رشيد

حڪمران آءِ ايم ايف ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي گهرو وزير عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته موجوده حڪمران آءِ ايم ايف ۽ ٻوڏ ۾ ڦاسي ويا.اها ڳالهه عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چئي آهي.چون ٿا ته عمران خان آءِ ايم ايف ۽ ڪورونا وائرس کان بچي ويو پر موجوده حڪمران آءِ ايم ايف ۽ ٻوڏ ۾ ڦاسي ويا.شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جيترو سستو آهي اوترو پاڪستان ۾ مهانگو آهي.اڳوڻي وفاقي گهرو وزير عوامي مسلم ليگ جي سربراهه جو به چوڻ آهي ته شهباز شريف جي تقرير بدمعاش جي تقرير هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو