حيدرآباد (بيورو رپورٽ)حيدرآباد ۾ موٽرسائيڪل سوار جوابدارن جي فائرنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي جو بس ڊرائيور مارجي ويو.سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس حيدرآباد امجد شيخ موجب 2 موٽرسائيڪل سوار جوابدارن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي پک اينڊ ڊراپ جي سهولت فراهم ڪندڙ بس جي ڊرائيور 50 ورهين جي غلام علي ولد محمد مٺل کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.امجد شيخ موجب واقعو بس تي فائرنگ جو هو، ڊرائيور بس روڪي ۽ هوٽل تي پاڻي پيئڻ لاءِ هيٺ لٿو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو.امجد شيخ جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته واقعو خانداني تڪرار ۽ غيرت جي نالي تي قتل آهي.پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن.واقعي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي بس جي ڊرائيورن به احتجاج ڪيو پر پوليس کين اطلاع ڪري معاملي کي ختم ڪرايو.










