حيدرآباد کي 8 وڪيٽن تان شڪست، اسلام آباد ٽاپ فور ۾ شامل

حيدرآباد کي 8 وڪيٽن تان شڪست، اسلام آباد ٽاپ فور ۾ شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد 8 وڪيٽن تان حيدرآباد کي شڪست ڏئي ٽاپ فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. پشاور ۽ ملتان اڳ ۾ ئي ٽاپ فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. راولپنڊي ۽ ڪوئٽا ٽاپ فور جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن. لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا 8 اٺ پوائنٽ آهن هڪ هڪ ميچ سندن رهيل آهي، جيڪي ٽيمون 10 ، 10 پوائنٽ حاصل ڪنديون انهن مان هڪ جو رن ريٽ تي ٽاپ فور ۾ وڃڻ جو فيصلو ٿيندو ۽ 2 ٽيمون وڌيڪ آئوٽ ٿينديون. پي ايس ايل جي گهٽ ترين اسڪور 80 رنز جي چيز لاءِ اسلام آباد جا اوپنر ڊيون ڪانوي ۽ سمير منهاس آي ته محمد علي جي پهرين اوور جي ٻئي بال تي ڊيون ڪانوي زيرو تي معاذ صداقت هٿان ڪيچ ٿي ويو. اوور ۾ هڪ رن ٺهي. جنهن بعد سمير منهاس ۽ محسن رياض زبردست بيٽنگ ڪندي ٽيم کي فتح جي ڪناري لڳايو، محسن 18 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 42 رنز ٺاهي محمد علي جي بال تي لبوشين هٿان ڪيچ ٿي ويو. جنهن بعد شاداب آيو، رڳو فتح لاءِ 2 رنز گهربل هئا پر شاداب وننگ شاٽ تي چوڪو هڻي 6.4 اوورن ۾ ميچ کٽي ورتي. سمير منهاس 27 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ پي ايس ايل جو 36 هون ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ حيدرآباد ڪنگزمين ۾ کيڏيو ويو. شاداب خان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سندن لاءِ ابتدا ۾ بهتر ثابت ٿيو. معاذ صداقت ميچ جي پهرين بال تي ئي بنا رن ٺاهڻ جي رچرڊ گليسن جي بال تي عماد هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڪپتان مارنس لبوشين 5 رنز ٺاهي گليسن جي بال تي سلپ ۾ فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو.صائم ايوب ۽ عثمان خان اسڪور اڳتي وڌايو پر پنجين اوور ۾ صائم ايوب 12 بالن تي 12 رنز ٺاهي گليسن جي بال تي حيدر علي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڪسال پريرا به 12 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي عماد وسيم هٿان ڪيچ ٿي ويو. گلين ميڪسويل هڪ رن ٺاهي عماد وسيم جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. حيدرآباد جون 43 تي 5 وڪيٽون ڪري پيون. عرفان نيازي 9 رنز ٺاهي شادب جي بال تي ڪرس گرين هٿان ڪيچ ٿي ويو. حسان خان زيروتي شاداب کيس پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪري بيڪ ٽو بيڪ وڪٽون ورتيون. آصف محمود 12 رنز ٺاهي سلمان مرزا جي بال تي شاداب هٿان ڪيچ ٿيو ۽ حنين شاهه کي عماد وسيم بولڊ ڪيو. محمد علي کي زيرو تي عماد وسيم ايل بي ڊبليو ڪيو ۽ پوري ٽيم 15.5 اوورن ۾ 80 تي ڍير ٿي وئي. عثمان خان 35 بالن تي 25 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو