حيدرآباد انڊسٽريل زون کي جلد ايمبولينس ۽ فائر ٽينڊر ڏينداسين: رشيد سولنگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي صنعت ۽ واپار واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي اڄ حيدرآباد سائيٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز جو دورو ڪيو ۽ واپاري برادري سان تفصيلي ملاقات ڪئي جن ۾ ايم ڊي سائٽ طارق انور کوکر، شاهد شاهه، ايم ڊي ايس ايس آءِ سي جنيد احمد، ڊائريڪٽر انڊسٽريز ۽ حيدرآباد، ڪوٽڙي، نوري آباد جي سمورن صنعتڪارن پڻ شرڪت ڪئي. صنعتڪارن سيڪريٽري صنعت ۽ سندس ٽيم جو استقبال ڪيو ۽ روڊن، نيڪال جي پاڻي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سميت بنيادي سهولتن جي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪيو. هنن ايمبولينس ۽ فائر ٽينڊر فراهم ڪرڻ ۽ سائيٽ حيدرآباد لاءِ وڌيڪ ترقياتي اسڪيمن جي درخواست ڪئي ۽ سائيٽ حيدرآباد فيز 2 جا الاٽمينٽ ليٽر جاري ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي، ايم ڊي سائٽ ۽ ايس ايس آءِ سي صنعتڪارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.صنعت۽ واپار واري سيڪريٽري رشيد سولنگي بزنس ڪميونٽي سان خطاب ڪندي رابطه ڪميٽي جو اعلان ڪيو جنهن جي اڳواڻي خود ڪندو ۽ ، جنهن ۾ نوري آباد ،ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد انڊسٽريل زون جا ٽي ميمبر هوندا. ۽ ان جا ماهوار اجلاس گهرايا ويندا جنهن ۾ واپاري برادري جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا جڏهن ته ان جو ٽه ماهي اجلاس صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير جي صدارت هيٺ ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت سمورن صنعتي زونز ۾ بنيادي انفرا اسٽرڪچر جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ته جيئن ڪاروباري سرگرميون ، معاشي سرگرميون وڌن، صوبي جي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ غربت جو خاتمو ٿي سگهي. هن اعلان ڪيو ته حيدرآباد انڊسٽريل زون کي تمام جلد ايمبولينس ۽ فائر ٽينڊر فراهم ڪيا ويندا ۽ ايندڙ صوبائي ۽ وفاق جي سالياني ترقياتي رٿائن ۾ ترقياتي ڪمن کي به شامل ڪيو ويندو. هن اهو پڻ اعلان ڪيو ته سنڌ سمال انڊسٽريز لاءِ 400 ملين رپين کان وڌيڪ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ روڊن جي فراهمي جي لاءِ سنڌ اسمال انڊسٽريز ڪارپوريشنز متعلق 5 اي ڊي پي اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ جلد ٽينڊر طلب ڪيا ويندا. هن اهو به اعلان ڪيو ته ڪوٽڙي انڊسٽريل زون لاءِ 400 ملين رپين جي روڊن جي تعمير ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ منظوري پهرئين جنوري کان ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان مذڪوره زون ۾ تمام گهڻي بهتري ايندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو