حوثي باغين جو سعودي عرب تي ميزائيلن سان حملا

حوثي باغين جو سعودي عرب تي ميزائيلن سان حملا

رياض(ويب ڊيسڪ)جده جي فارمولا ون ٽريڪ تي يمن جي حوثي باغين پاران سعودي آرامڪو جي تيل جي تنصيبات تي حملي کانپوءِ وڏا شعلا ڀڙڪندي نظر آيا آهن. ايران جي حمايت يافته حوثي باغين هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ”اسان بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز سان ڪيترائي حملا ڪيا آهن، جن ۾ جده ۾ آرامڪو جي تنصيبات ۽ رياض ۾ وائيٽل تي حملا شامل آهن. جده جي ايف ون ٽريڪ ويجهو دونھون اٿندي ڏٺو ويو، واقعي واري هنڌ تان گذرندڙ ڊرائيور چيو ته هو پنهنجي ڪار جي اندر سڙي وڃڻ جي بوءِ محسوس ڪري رهيو آهي. حوثي باغين 16 حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جن ۾ يمني سرحد جي ويجهو جيزان ۾ هڪ اليڪٽريڪل اسٽيشن تي حملو به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو