ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقرا يونيورسٽي جو باني چانسلر ۽ سنڌ بيت المال جو اڳوڻو سربراهه حنيد لاکاڻي اڄ صبح ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويو. حنيد لاکاڻي جي طبيعت خراب ٿيڻ تي گذريل ڏينهن اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ پوءِ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو پر هو بچي نه سگهيو هو.سندس جنازي نماز اڄ 8 سيپٽمبر تي عصر جي نماز بعد مسجد سعيم خيابان راحت ڊي ايڇ اي ۾ ادا ڪئي ويندي.اقراءَ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر وسيم قاضيءَ باني چانسلر حنيد لاکاڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اقرا يونيورسٽي سندس ويزن هئي ۽ سندس ڪوششن ۽ محنت جي ڪري اها ملڪ جي سڀ کان وڏي پرائيويٽ يونيورسٽي بڻجي وئي ۽ حنيد لاکاڻي جي مهربانيءَ سان اقرا يونيورسٽي ملڪ جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي.










