’معزز ايراني شخصيت‘ سان رجيم تبديلي سميت 15 نقطن تي ڳالهيون ٿيون آهن، ٽرمپ

’معزز ايراني شخصيت‘ سان رجيم تبديلي سميت 15 نقطن تي ڳالهيون ٿيون آهن، ٽرمپ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جو 24 هون ڏينهن آهي. گذريل رات آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ڪيترن ئي شهرن تي بمباري ڪئي آهي جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو مارجي ويا آهن. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته گيلان، اصفهان، خزيستان ۽ مزنداران جي نجي رهائشي سهولتن تي اسرائيلي جهازن ان نيت سان بمباري ڪئي آهي ته جيئن فوجي ۽ سياسي قيادت کي ختم ڪري سگهجي. آمريڪا ۽ اسرائيل، ايران جي ڊرون ڪمانڊر سميت ڪيترن ئي اهم شخصيتن جي مارجڻ جي دعوا ڪئي آهي. پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل مهر نيوز ايجنسي هڪ نقشو جاري ڪيو، جنهن م عرب ملڪن جي توانائي مرڪزن جي نشاندهي ٿيل هئي، قطر ۾ الجزيره آفيس کي به نشانو بنائڻ جو چتاءَ شامل هو ته آفيس خالي ڪريو پر بعد ۾ اسٽيٽ ميڊيا اهي هٽائي ڇڏيا.

ايران جي ڊرون ۽ ميزائيل حملن جي 77هين لهر

ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) چيو آهي ته هن وچ اوڀر ۾ اسرائيل ۽ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندي حملي جي 77هين لهر شروع ڪئي آهي۔

ايراني تسنيم نيوز ايجنسي پاران جاري ڪيل بيان موجب، ترجمان چيو ته حملا “اسرائيل جي اتر، مرڪز ۽ ڏکڻ” کي نشانو بڻائيندي “سپر هيوي ۽ پوائنٽ اينڊ شوٽ سسٽمز، خيبر شڪن ۽ تباهه ڪندڙ ڊرونز” ذريعي ڪيا ويا۔

IRGC اهو به چيو ته هن آمريڪا جي فوجي اڏن جهڙوڪ ڪويت جي علي السالم ايئر بيس، سعودي عرب جي الخَرْج فوجي اڏو، ۽ يو اي اي جي الظفره ايئر بيس کي پڻ نشانو بڻايو آهي۔

ٻئي پاسي تسنيم نيوز ايجنسي موجب صيهوني حملن ۾ ارميه جي شهري آبادي تي حملن ۾ پنج ماڻهو مري ويا آهن ۽ عام عمارتون ڪري پيون آهن.

برطانيا پاران ڊياگو گارشيا تي ايراني حملي جي تصديق

برطانوي دفاع واري وزير پارليمان کي خطاب ۾ ٻڌايو ته گذريل جمعي تي ايران 2 مريزائيل فائر ڪيا جن مان هڪ ناڪام ٿيو ۽ ٻئي بيس پهچڻ کان اڳ ئي ڪيرايو ويو. برطانوي پرڏيهي آفيس ايراني سفير کي طلب ڪندي ساڻس احتجاج ڪيو آهي.

صدر ٽرمپ جي ميڊيا ٽاڪ جا اهم نقطا

صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا م ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسانجي ’معزز ايرانين‘ سان ڳالهيون ٿيون آهن. سندس ڳالهه ٻولهه جا اهم نقطا هي آهن. اسان ايرانين سان مضبوط ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي اهم نقطن تي اتفاق ٿيو آهي، اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ايرانين سان ڳالهيون ڪيون،اسان نٿا چاهيون ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجن، آمريڪا معزز ۽ سينيئر ايراني اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون آهن، ٻئي ڌريون معاهدو ڪرڻ چاهين ٿيون، امڪان آهي ته اڄ ٻنهي ڌرين وچ ۾ فون تي ڳالهيون ٿينديون، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن کي نئين سپريم ليڊر جي ڪا خبر ناهي ۽ کيس پڪ ناهي ته هو زنده آهي يا نه. مان نٿو چاهيان ته هن کي به قتل ڪيو وڃي. منهنجو خيال آهي ته اسرائيل ايران سان معاهدي تي خوش ٿيندو، جيڪڏهن معاهدو ٿيو ته اهو ايران ۽ سڄي علائقي لاءِ سٺي شروعات هوندي، مون تازو اسرائيل سان ايران بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، مان ايران سان معاهدو ٿيڻ جي ضمانت نٿو ڏئي سگهان، ايرانين ئي فون ڪيو، مون نه ڪيو، مان چاهيان ٿو ته آمريڪي نظام ۾ وڌ کان وڌ تيل موجود هجي،جيڪڏهن معاهدو ٿيو ته يورينيم کي افزوده ڪرڻ آسان ٿيندو، جيڪڏهن اسان B-2 بمبار جهازن سان ايران تي حملو نه ڪيو هجي ها ته اهي ٻن هفتن اندر ايٽمي هٿيار ٺاهي اسرائيل خلاف استعمال ڪن ها، ايران سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق آهي، ۽ هن وقت تائين 15 نقطا آهن،شايد اسان ايران ۾ اهڙو ڪو ماڻهو ڳولي وٺنداسين جنهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي، جيئن وينزويلا جي عبوري صدر جهڙو، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڻ سڌيون ڳالهيون عمان جي ثالثي سان جاري هيون، جڏهن گذريل مهيني جي آخر ۾ جنگ شروع ٿي،ايران ۾ شايد سخت قسم جي حڪومتي تبديلي اچي،شايد اسان وينزويلا وانگر ڪو نئون اڳواڻ ڳولي وٺون،شايد ايران ۾ گڏيل قيادت به ٿي سگهي ٿي،ايران ايٽمي هٿيار نه رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي،ٽرمپ چيو ته آمريڪا هڪ “معزز” ايراني اڳواڻ سان ڳالهيون ڪيون آهن،تازين رپورٽن موجب، ايران سرڪاري طور اهڙين ڳالهين جي ترديد ڪئي آهي، جڏهن ته ٽرمپ دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ڪجهه سطح تي رابطو ٿيو آهي.

اسرائيل ’تهران جي دل‘ تي حملا ڪيا آهن، فوجي ترجمان

اسرائيلي فوج سومر تي چيو آهي ته هو “تهران جي دل” تي حملا ڪري رهيو آهي، اهو بيان ان وقت آيو جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ “مفيد ڳالهيون” ٿيون آهن۔ جنهن سبب هن 5 ڏينهن لاءِ بجلي گهرن تي حملا ملتوي ڪيا آهن. ايران جي نيم سرڪاري فارس نيوز ايجنسي موجب، تازن حملن جي لهر ۾ تهران جي ڪيترن ئي هنڌن کي نشانو بڻايو ويو آهي۔ ساڳئي وقت، ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي چيو آهي ته هو “تهران ۾ هڪ رهائشي عمارت جي ملبي هيٺان هڪ ٻار کي ڳولي رهيا آهن.”

تهران ۽ واشنگٽن ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿيون آهن، ايران

ايران واشنگٽن سان ڪنهن به ڳالهه ٻولهه کان انڪار ڪيو آهي، ايراني سرڪاري ميڊيا پرڏيهي وزارت جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي۔ مهر نيوز موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ڪجهه دوست ملڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن پر تهران جون واشنگٽن سان ڳالهيون نه ٿيون آهن، صدر ٽرمپ تيل جي قيمت گهٽائڻ لاءِ ۽ پنهنجي رٿا بندي خاطر اهو اعلان ڪيو آهي. ايران واضح ٿو ڪري ته آمريڪا توانائي مرڪزن تي حملا ڪيا ته اسرائيل ۽ خطي ۾ به توانائي مرڪز محفوظ نه رهندا. مهر نيوز ايجنسي موجب، پرڏيهي وزارت چيو ته علائقائي ملڪن طرفان “ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون” موجود آهن، پر “اسان جو جواب واضح آهي: اسان جنگ شروع ڪندڙ ڌر ناهيون، ۽ اهي سڀ درخواستون واشنگٽن ڏانهن موڪليون وڃن.”

قطر، ايران ۽ آمريڪا ۾ ڳالهين جي ٽياڪڙي نه پيو ڪري

هڪ قطري سفارتڪار سي اين اين کي ٻڌايو آهي ته قطر تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڪنهن به ثالثي جي ڪوشش ۾ شامل ناهي۔ سفارتڪار چيو: “اسان هن وقت پنهنجي ملڪ جي دفاع ۽ ايران طرفان قطر جي گئس سهولتن تي حملن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي سنڀالڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون.”

ٽرمپ پاران بجلي گهرن تي حملا ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي لکيو: “مون کي خوشي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران وچ اوڀر ۾ مڪمل تڪرار ختم ڪرڻ بابت تمام سٺيون ۽ مفيد ڳالهيون ٿيون آهن.” هن وڌيڪ چيو ته اهي ڳالهيون “سڄي هفتي دوران جاري رهنديون.” هن ايران جي بجلي گهرن تي حملن جو الٽيميٽم ڏنو هو جيڪو اڄ رات ختم ٿي رهيو هو جنهن بعد هن 5 ڏينهن اهي حملا ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽرمپ جي اعلان بعد عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ لاٿ

آمريڪي صدر ٽرمپ جي اعلان بعد عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون اوچتو گهٽجي ويون آهن۔ برينٽ ڪرُوڊ، جيڪو عالمي تيل جو معيار آهي، 7 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي 99 ڊالر في بيرل کان هيٺ اچي ويو، جڏهن ته ڏينهن جي شروعات ۾ اهو 114 ڊالر تائين پهتو هو۔ آمريڪي معيار WTI به 8 سيڪڙو گهٽجي 90 ڊالر في بيرل تي اچي ويو، جيڪو اڳ جي ڀيٽ ۾ تقريباً 10 ڊالر گهٽ آهي۔

آءِ آر جي سي ۽ فارس نيوز جي آفيسن تي اسرائيلي بمباري
اسرائيل جي فوج ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ صبح سوير وڏي پيماني تي هوائي حملا شروع ڪيا آهن۔ ايراني سرڪاري ميڊيا موجب شهر جي مختلف علائقن مان ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جن ۾ آئي آر جي سي سان لاڳاپيل فارس نيوز ايجنسي به شامل آهي۔ فارس لکي ٿي ته “ڌماڪن جا خوفناڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيا آهن۔” اسرائيلي دفاعي فوج (IDF) جو چوڻ آهي ته اهي تهران ۾ “دهشتگردن جي ڍانچي” کي نشانو بڻائي رهيا آهن۔
فرانسيسي صدر جو ولي عهد کي فون، ايراني حملن جي مذمت
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون فون ڪيو، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقي جي تازي صورتحال ۽ ان جي اثرن جو جائزو ورتو، سعودي پريس ايجنسي ايس پي اي رپورٽ ڪيو آهي۔ فون ڪال دوران، ميڪرون سعودي عرب سان فرانس جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ بادشاهت کي نشانو بڻائيندڙ ايران جي بار بار حملن جي سخت مذمت ڪئي۔ هن پيرس طرفان رياض جي انهن سڀني قدمن جي حمايت جي به ٻيهر تصديق ڪئي، جيڪي ملڪ جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ کنيا پيا وڃن۔ فرانس سڀني ملڪن تي زور ڀريو آهي ته توانائي جي مرڪزن تي حملا نه ڪريو، ايران کي هرمز لنگهه سڀني لاءِ کولڻ گهرجي. فرانس تازن ڏينهن ۾ ايران تي تنقيد ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو آهي۔ پرڏيهي وزير جين-نوئل بارو جمعي تي اسرائيل جي دوري دوران چيو ته وچ اوڀر جي تڪرار جو ڪو به مستقل حل صرف سياسي معاهدي وسيلي ئي ممڪن آهي. جنهن لاءِ تهران کي پنهنجي پاليسين ۾ بنيادي تبديلي آڻڻي پوندي۔ بارو تل ابيب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو: “هلندڙ فوجي ڪارروائين جو نتيجو جيڪو به هجي، ان سان گڏ هڪ سياسي حل ضروري آهي جيڪو ڊگهي عرصي تائين نتيجا ڏئي سگهي.” هن وڌيڪ چيو ته “ايراني حڪومت کي وڏيون رعايتون ڏيڻ ۽ پنهنجي موقف ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.”
هن وقت 1970 کان به وڏو بحران آهي، عالمي توانائي ايجنسي جي سربراهه جو چتاءُ
هي خبردار فاتح بيرول ڏنو، جيڪو انٽرنيشنل انرجي ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، فاتح بيرول خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ اهڙو توانائي بحران پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪو 1970ع واري ڏهاڪي جي گڏيل جھٽڪن کان به وڌيڪ شديد هجي ۽ 2022ع ۾ روس طرفان يوڪرين تي حملي جي شروعاتي اثرن جهڙو هجي۔ اهڙو اظهار هن آسٽريليا جي ميڊيا سان ڪينبرا ۾ هڪ پريس تقريب دوران ڳالهائيندي ڪيو. بيرول چيو: “اسان مان ڪيترن کي 1970ع واري ڏهاڪي جون لڳاتار ٻه تيل جا بحران ياد آهن… ان وقت هر بحران ۾ دنيا تقريباً روزانو پنج ملين بيرل تيل وڃايو، ٻنهي کي گڏ ڪري ڏهه ملين بيرل روزانو.” هن وڌيڪ چيو: “اڄ جي حالت ۾، اسان روزانو 11 ملين بيرل وڃائي رهيا آهيون، يعني ٻن وڏن تيل جي جھٽڪن کان به وڌيڪ.” هن وڌيڪ چيو ته ڪو به ملڪ هن بحران جي توانائي اثرن کان “محفوظ نه رهندو”، ڇاڪاڻ⁠تہ تيل ۽ مائع قدرتي گئس (LNG) جون سپلائيز هڪ اهم رستي هرمز لنگهه مان گذرنديون آهن، جيڪي ايران جي بلاڪيڊ سبب متاثر ٿي رهيون آهن۔

پهنجو تبصرو موڪليو