غزه(ويب ڊيسڪ)قطر، مصر ۽ آمريڪا حماس ۽ اسرائيل کي غزه ۾ جنگبندي لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني.ٽنهي ملڪن طرفان جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ هنن چيو ته ڌرين کي گهرجي ته غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهيون 15 آگسٽ کان شروع ڪن.گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهيون دوحا يا قاهره ۾ ٿي سگهن ٿيون، وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ ۽ ٻنهي طرفن کان ڪو به عذر ناهي.ٽنهي ملڪن گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته هي وقت اچي ويو آهي ته يرغمالين کي آزاد ڪيو وڃي، جنگ بندي شروع ڪئي وڃي ۽ معاهدي تي عمل ڪيو وڃي.










