حليم عادل شيخ کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار  نه ڪرڻ جو حڪم

حليم عادل شيخ کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. حليم عادل شيخ کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتارين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي،عدالت حڪم ڏنو ته حليم عادل شيخ جو نالو ڪنهن نئين سوٽ يا چالان ۾ شامل نه ڪيو وڃي. حڪم جي ڪاپي آءِ جي سنڌ ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته 2 نومبر 2023ع جي پوليس رپورٽ موجب حليم عادل شيخ 21 ڪيسن ۾ نامزد آهي،جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته وڌيڪ ڪيترا ڪيس داخل ٿيا آهن؟،ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته حليم عادل شيخ خلاف ڪل 21 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،وڪيل انور منصور خان چيو ته عدالت حليم عادل شيخ کي ٽن ڀيرا نون ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو آهي،آءِ جي سنڌ جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪنداسين،عدالت پوليس ۽ ٻين کان ٻن هفتن ۾ پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو