حليم عادل جيل ۾ حملي سبب زخمي، اسپتال منتقل

حليم عادل جيل ۾ حملي سبب زخمي، اسپتال منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا طرفان اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي جناح اسپتال جي آرٿوپيڊڪ وارڊ منتقل ڪرڻ جو فيصلو، حليم عادل شيخ کي گذريل رات سينٽرل جيل مان اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو هو، سينٽرل جيل ۾ حليم عادل مٿان چاليهه کان 50 ماڻهن حملو ڪيو هو، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته حليم عادل شيخ کي ٽنگ سوڌو جسم جي ٻين حصن تي زخم رسيا، هڏن کي ڌڪ لڳڻ سبب کيس اڄ جناح اسپتال جي آرٿوپيڊڪ وارڊ منتقل ڪيو ويندو، حليم عادل شيخ جي ڌيءُ عائشه حليم ۽ پُٽ احسن عادل شيخ طرفان جيل اندر والد تي ٿيل حملو سازش قرار، حليم عادل شيخ جي ڌيءُ ۽ پُٽ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جيل اندر موجود پ پ جي غنڊن والد تي حملو ڪيو، سنڌ حڪومت سندن والد کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو