دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو ۾ اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دادو ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلون، ٽائون ڪاميٽين جا تڪ ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثار شيخ ڪنهن جي چوڻ تي تبديل ڪيا آهن، اهڙي فيصلي خلاف عدالت ۾ وينداسين، تڪ بندين بابت ڦيرفار وارو فيصلو واپس وٺي 2018 جي اليڪشن مطابق تڪ بحال رهڻ گهرجن ٻي صورت ۾ دادو ضلعي کي عوامي طاقت سان بند ڪري اليڪشن ڪميشن اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر دادو جو عهدو رکندڙ ماڻهو کي ضلعي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرس جو خيال رکڻ گهرجي هو ڪنهن هڪ ڌر جو ڊي سي طور مقرر نه ڪيو ويو آهي، ڊي سي دادو يونين ڪائونسلن کي ٽوڙي هڪ ڌر کي خوش ڪري رهيو آهي ان ڪري ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ اليڪشن ڪمشنر دادو جي گڏيل صلاح مشورن سان ٿيل تڪ بندين واري ڦيرفار لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين ۽ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪيون ٿا ته ڊي سي دادو جي ڪيل فيصلن کي رد ڪيو وڃي جيڪڏهن تڪ بندين جي ڦيرڦار ضروري به آهي ته اها سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورن بعد ڪئي وڃي، ان موقعي تي اڳوڻي سينيٽر سان سردار عاشق حسين زئنور، نياز ٻرڙو، رئيس محبوب لنڊ، ڊاڪٽر مشتاق پنهور ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا، صداقت علي جتوئي دادو پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي گلن جا تحفه پيش ڪري مبارڪون پڻ ڏنيون ۽ چيو ته دادو پريس ڪلب جي صحافين هميشه مظلوم ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي.










