اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نجي ٽور آپريٽرز جي حج ڪوٽا خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ هڪ درخواستگذار پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد اعظم خان نجي ٽور آپريٽر جي ضمني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي طرفان چوهدري اسامه طارق ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.چوهدري اسامه طارق ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته مرڪزي ڪيس ۾ درخواستگذارن جي لسٽ ۾ منهنجي ڪلائنٽ جو نالو شامل آهي، جڏهن ته هو ڪمپني جو ڊائريڪٽر آهي، ۽ کيس ڪيس جو علم ئي نه هو.هڪ ڏينهن اڳ کيس خبر پئي ته سندس ڪمپني جو نالو به درخواستگذارن ۾ شامل آهي.درخواستگذار مطابق بغير رضامندي سندس نالو درخواست ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جو کيس اڳ ۾ علم نه هو، انهيءَ سبب هو ڪوئيٽا کان اسلام آباد آيو آهي. هن عدالت کان استدعا ڪئي ته مرڪزي ڪيس مان سندس نالو درخواستگذارن جي لسٽ مان ڪڍيو وڃي.عدالت نجي ٽور آپريٽر جي اها ضمني درخواست منظور ڪري ڇڏي.










