حتمي مشاورت مڪمل، اڳواڻ جلسي گاهه روانا

حتمي مشاورت مڪمل، اڳواڻ جلسي گاهه روانا

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي مشاورتي اجلاس ۾ صلاح مشورا مڪمل، جلسي ۾ هڙتال، شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ بابت اعلان جو اختيار مولانا فضل الرحمان کي ڏنو ويو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اياز صادق جي گهر تي مانجهاندي ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، مريم نواز، سردار اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شيرپائو سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. بلاول ڀٽو سڀني کان آخر ۾ پهتو، سندس گاڏي قمر الزمان ڪائره هلائي رهيو هو. جلسي جو وقت هڪ وڳي ڏنو ويو پر اڳواڻ اياز صادق جي گهران سوا چئين وڳي جلسي گاهه لاءِ روانا ٿيا. ان کان اڳ جڏهن بلاول هائوس لاهور مان بلاول روانو ٿيو ته سيد نيئر بخاري کيس سڄي ٻانهن ۾ امام ضامن ٻڌو.

پهنجو تبصرو موڪليو