حيدرآباد (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جو ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم کي فون 16 فيبروري ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ حافظ نعيم پاران شرڪت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي قبضي لاءِ بوگس اليڪشن جو ڊرامو ڪيو ويو. زرداري ٻيھر اقتدار لاءِ سنڌ جو سودو ڪيو آھي. پنھنجي ڌرتي ۽ وسيلا بچائڻ جو وقت اچي ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ 16 فيبروري واري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿين. قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن گھر گھر وڃي عوام کي بيدار ڪن ۽ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي وڃي. بوگس اليڪشن خلاف لکين ماڻھن شريڪ ٿيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسٽبلشمينٽ بنگال سانحي جي تاريخ مان نہ سکيو آھي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي. جبر سان قومون خاموش نہ ٿينديون آھن. سنڌي ماڻھو اٿندا تہ پوء خاموش نہ ٿيندا. ھڪ زرداري ۽ ٻہ ٽي سئو وڏيرن کي مينيج ڪرڻ سان سنڌي ماڻھو خاموش نہ ويهندا. اياز لطيف پليجي مرتضي خان جتوئي ۽ ان جي ساٿين تي دھشتگردي جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي رھي آھي. ڪوڙن ڪيسن جو سلسلو بند ڪيو وڃي نہ تہ پيپلا گھرن کان نہ نڪري سگھندا. سنڌ جو عوام جي ڊي اي سان گڏ آھي. پيپلز پارٽي ۾ موقعي پرست، ڪرپٽ ۽ ضمير فروشن جو ٽولو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان ٻٽي نظام کي ھلڻ نہ ڏنو. سنڌو درياھ تي ڌاڙي، معاشي قتلام ۽ وسيلا تين وال ٿيڻ نہ ڏينداسين. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ 8 فيبروري تي سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي مينڊيٽ تي نگران حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري ڌاڙا ھڻي جعلسازي سان اسان جا نتيجا تبديل ڪيا، ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نہ ڏني ويندي. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار هٿ وٺي ٻہ ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، شهرن جا شهر ٻوڙايا ويا، اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثرن جي ڪابہ واهر نہ آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور دوران سنڌ کي عوام کي بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ 15 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر ڪرپٽ وزير تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي کٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي.










