ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
اولهه جي ملڪن ۾ ڪي وڏا وڏا حادثا ته پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن ڪي ادارا مثبت ڪردار نٿا ڪن ته، ايستائين جو ڪنهن ريل حادثي کانپوءِ اتان جا وزير استعيفائون ڏئي ڇڏين ٿا، ساڳئي وقت تعليمي معيار بهتر نه بنائڻ تي ٻاهرين ملڪ جو وزير به استعيفيٰ ڏئي ٿو ڇڏي. جڏهن هڪڙي سڌريل ملڪ ۾ تعليم کاتي ۾ ڪتابن جي کوٽ جو معاملو اڀريو هو ته ان فرض شناس وزير پنهنجي وزارت کي الوداع ڪيو. اهڙي طرح سريلنڪا جي وزيراعظم پاران به کنيل قدم اسان جي سامهون آهن. پر اسان وٽ ته ٽرين حادثا، روڊ حادثا، جهاز حادثا، ڪتابن جي کوٽ جهڙا بحران ته معمول بڻيل آهن، پاڻ ڪنهن به رخ ان معاملن جو ذڪر ڪريون، ايستائين جو جڏهن وفاقي پارليامينٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ اڪثريت سان ڪامياب به ٿي چڪي هئي پوءِ به ڪرسي ڇڏڻ هُن لاءِ ڏکيو مرحلو هيو، نتيجي ۾ ملڪ جي آئين سان به کيڏيو ويو، جڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالتن آئين جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ رات جي به پرواهه نه ڪئي ته اهڙي قدم تي به آئين سان کيڏندڙ آڱريون کڻڻ لڳا ته رات جي وقت عدالتون کولڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
حالت اها آهي جو ملڪ کي ڏينهون ڏينهن مسئلن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، اهڙين حالتن ۾ اڳوڻا حڪمران يا هاڻوڪا اقتدار ڌڻي، جيڪي ڪرسين تي ته ويٺل آهن، پر ڇا کين اهو احساس آهي ته عوام ڪهڙين اذيتن مان گذري رهيو آهي، بحرانن ۽ ڪوتاهين تي انهن لاءِ اقتدار جي ڪرسي ڇڏڻ ته پري جي ڳالهه پر هو هڪ مهيني جي پگهار ۽ ٻين مراعتن تان هٿ کڻڻ به سولو نٿا سمجهن، پر سڌريل ملڪن ۾ ائين ناهي، جتي وزير اقتداري ڪرسين جي پرواهه نٿا ڪن، عوام جي مفادن کي هو وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا، ان جو سبب اهو آهي ته انهن ملڪن ۾ قانون جي پاسداري تمام گهڻي آهي، پر اسان وٽ ته هر آئي ڏينهن ڪي نه ڪي بحران ۽ واقعا جنم وٺندا رهن ٿا. پوءِ روڊ حادثا هجن يا انساني حقن کي لتاڙيندڙ واقعا هجن، وزير صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن، اسان وٽ ته ائين به ٿيندو رهيو آهي ته اقتدار ڌڻي ٿوري وقت لاءِ ڦڙتي ڏيکاري عوامي مسئلن تي ٺاپر اختيار ٿا ڪرين ڇڏين، پوءِ معاملا جيئن جو تئين رولڙي ۾ پئجي ٿا وڃن. ان جا ڪجهه مثال هي به آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ فريد آباد ۾ تقريبن ڏهه معصوم ٻار باهه ۾ سڙي فوت ٿي ويا، ڄامشوري کان سيوهڻ تائين قاتل قرار ڏنل روڊ تي ڪيئي انساني جانيون حادثن جو شڪار ٿينديون رهن ٿيون، معمولي معمولي ڳالهين تان قبائلي تڪرارن ۾ ڪيترائي ڳڀرو نوجوان ۽ نياڻيون ماريون ٿيون وڃن، هي سلسلو آخر رڪجڻ جو نانءُ ڇو نٿو وٺي؟ ان جو اصل ڪارڻ اهو آهي ته هتي ڪو منظم طريقيڪار، قانون جي بالادستي ۽ اهڙي قيادت ناهي، جيڪا سڀني کي گڏ کڻي هلي، جيڪي رهنما عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بنائي سگهن!
گذريل هڪ ڏيڍ مهيني جو جائزو وٺجي ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي حادثا ۽ واقعا رونما ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪيئي انساني جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون، جهڙوڪ عيدالفطر کان هڪ ڏينهن اڳ قاضي احمد مورو روڊ تي ڪار حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 گهرڀاتي فوت ٿي ويا، ڪجهه ڏهاڙن بعد ڄامشوري سيوهڻ روڊ تي هڪ ٻيو جيءُ جهوريندڙ حادثو ٿيو، جنهن ۾ 17 ڄڻن جو جانيون ضايع ٿيون. ان دوران الميو اهو به ٿيو ته انهن جي بروقت امداد نه ڪئي وئي، نه ته هيتريون قيمتي جانيون ضايع نه ٿين ها. مانجهند اسپتال جي حالت اها هئي جو اتي جي نه صرف ايمبولينس پر جنريٽر به خراب هو، جنهن سبب زخمي طبي امداد نه ملڻ ڪري تڙپندا رهيا. مانجهند، سن توڙي جو مختلف علائقن ۾ صحت جا ننڍا ننڍا سينٽر موجود آهن پر اتي سهولتن جي کوٽ آهي، سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن ۽ اتي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ان ئي روڊ تي سنڌ جي مشهور عالمِ دين دلبر سائين جي نوجوان پٽ پنهنجي وني ۽ ٻارن سان گڏ وڃي رهيو هو ته اهي به حادثي جو شڪار ٿيا. جيڪڏهن ڪراچي، لاهور يا اسلام آباد جي روڊن تي اهڙي قسم جا حادثا ٿين ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون حرڪت ۾ اچي وينديون آهن، افسوس سان چوڻو ٿوي پوي ته پيار جي پرڻي لاءِ ڪا ناري ڪراچي کان لاهور پهچي ٿي ۽ ميڊيا ۾ واويلا مچي ٿي ته نتيجي ۾ انهي ناري لاءِ ڪراچي پوليس راولپنڊي ۽ لاهور وڃي پهچي ٿي ۽ جڏهن ڄامشوري سيوهڻ روڊ تي ڪو حادثو ٿئي ٿو ته اتي امداد لاءِ ڪا پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم وقت سر نٿي پهچي. اهڙي طرح ڪنهن تڪرار سبب ڪشمور، شڪارپور، ٺٽي يا سجاول ۾ هڪ ئي جاءِ تي ڏهه ڏهه ماڻهو قتل ٿين ٿا ته اها خونريزي روڪرائڻ لاءِ به وقت تي پوليس نٿي پهچي سگهي، اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن دوران به پوليس جي ساڳي روايتي سستي نظر ايندي آهي، پر ڪير ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، پوءِ فريد آباد ۾ ڪو ويڙهو جو ويڙهو ڇو نه جلندو رهي، ٻار سڙي ڪوئلو ٿي وڃن پر اتي نه وقت سر فائربرگيڊ پهچي ٿي ۽ نه ئي انساني جانيون بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ٿا. مجموعي طور تي هتي اهڙا واقعا ۽ حادثا ٿيڻ جي باوجود به هِتان جي وزيرن کي صرف ۽ صرف پنهنجي ڪرسي بچائڻي هوندي آهي، زرعي پيداوار، پاڻي کوٽ ۽ آبادگارن جي معاملا به ڌار اشوز آهن، جن جو ته اڃا مون ذڪر ئي ناهي ڪيو، ان حوالي سان سنڌ کي جيڪي ڏکيائيون درپيش آهن، انهن تي به تفصيل سان لکندس، بهرحال، مون ڳالهه پئي ڪئي حادثن جي ته جيڪڏهن ڪشمور شهدادڪوٽ لاڙڪاڻي توڙي ٻين مختلف روٽن تي هلندڙ مسافر گاڏين ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو ويهاريا وڃن ٿا ته ان جو ڪو پڇاڻو ناهي، نه ئي ڊرائيور کان لائسنس جو پڇيو وڃي ٿو، حادثا ٿيڻ جي ڪارڻن ۾ اهي به تمام وڏيون ڪوتاهيون آهن، جن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ انتظاميا قدم نٿي کڻي، ميڊيا ۾ ته پاڻ ٻين صوبن مان به مختلف حادثن جون خبرون پڙهندا رهندا آهيون، اتي به اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته ڊرائيورن جي لاپرواهي جي ڪري حادثا ٿين ٿا، ٻيو سبب اهو به آهي ته مسافر بس، ڪار يا وين هلائڻ دوران ڊرائيور موبائيل فون جو تمام گهڻو استعمال ڪري ٿو، جنهن ڪري ڪيئي مسافرن جون زندگيون داءُ تي لڳل رهن ٿيون، ان کان علاوه ڊرائيور گاڏي هلائڻ دوران پنهنجي مذاق مستين ۾ پورا هوندا آهن، کين ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي هوندي ته جيڪو اسٽيئرنگ سندن هٿن ۾ آهي، مسافري دوران ان سان ڪيتريون ئي انساني جانيون سلهاڙيل هجن ٿيون، جيڪڏهن اسٽيئرنگ ڦيرائڻ ۾ ٿوري به غلطي ٿي ته وڏو نقصان ٿي پوندو، ان سوچ کان ڊرائيور بلڪل به غافل هجي ٿو. تنهن ڪري آئون سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندس ته مسافري دوران انساني جانين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ حادثن جا جيڪي به ڪارڻ آهن، انهن جي روڪٿام لاءِ ضروري اپاءَ ورتا وڃن.










