حاجن شاهه جو عرس، ملهه جا زبردست مقابلا، پهلوانن کي انعام

حاجن شاهه جو عرس، ملهه جا زبردست مقابلا، پهلوانن کي انعام

شاهپور جهانيان (ن س) صوفي درويش درگاهه سيد حاجن شاهه (نعري ڌڻي) جو ٽن ڏينهن واري عرس ۽ ميلي جون تقريبون پوريون ٿيون . ان موقعي تي منعقد ڪيل ملاکڙي جي مقابلي ۾ ميدان ماريندڙ پهلوانن ۾ گادي نشين سيد قائم علي شاهه لڪياري جي پٽ سيد شفيع محمد شاهه ۽ ٻين انعام ورهايا. ان موقعي تي فقير حاجن سومرو ، رئيس اصغر سولنگي ، صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو ، رئيس محمد حسن زرداري ، انڪم ٽيڪس آفيسر غلام قادر چنڊ ، غلام حسين چنڊ ، وڏيري شاهد چنڊ ، استاد عبدالمجيد چنڊ ، سڪندر چنڊ ، اياز چنڊ ، فدا چنڊ ، جاويد چنڊ ، گل حسن چنڊ ، عاشق چنڊ ، محمد عيسيٰ سنگراسي ، حافظ ادريس چنڊ ، جوسي واهي ملهه شوقينن ممتاز لغاري ، حاجي رمضان وگهيو ، صحافي ظفر ٻگهيو ، اسد ٻگهيو ، سيف سنڌي ، اشرف ٻگهيو ، سڄڻ ٻگهيو ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پهرئين جوڙ ۾ قربان هوٿيپوٽو ، جان محمد لنڊ کي ٻئي ملهون دسي مٿس رکيل 7 هزار روڪ انعام کٽي ميدان جو مور بڻجي ويو.

ٻئين جوڙ ۾ علي خان سولنگي ، الله ورايو سوهو کي ڦيرائي ڦيرائي اهڙو ڌڪ ڏنو جو هو بيهوش ٿي ويو ، ٻئين جوڙ ۾ کٽيندڙ ملهه پهلوان کي 5 هزار روڪ انعام طور ڏنو ويو ، ٽئين جوڙ ۾ منٺار ماڇي ، امداد ملاح کي ملهه ماري 4 هزار روڪ انعام کٽي ورتو . درگاهه تي ايندڙ عقيدتمندن ۽ مريدن خادمن لاءِ ميلي جا ٽئي ڏينهن رهائش توڙي کاڌي پيتي جو به بندوست ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو