جکراڻي جي عبوري ضمانت منظور، احتساب عدالت سان رابطو ڪريو

سکر(بيورو رپورٽ)آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران اعجاز جکراڻي جي 10 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪندي پڪي ضمانت لاءَ احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي پيش ٿيو عدالت وڪيلن جي دليلن بعد ريماڪس ڏنا ته 2021 جي نئين ترميمي نيب آرڊيننس تحت ريفرنس ۾ شامل جوابدار ضمانت لاء احتساب عدالت سان رجوع ڪري سگهن ٿا جنهن بعد  عدالت اعجاز جکراڻي سوڌو چئن ڄڻن جي ضمانت واري درخواست اڪلائيندي  جوابدارن کي ڏهه ڏينهن جي عبوري ضمانت ڏيندي احتساب عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو