جڊيشل ڪميشن پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ٽي ايڊيشنل جج مستقل ڪرڻ جي سفارش

جڊيشل ڪميشن پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ٽي ايڊيشنل جج مستقل ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 3 ايڊيشنل جج مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جي مستقلي جي معاملي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو.ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ٽي ايڊيشنل جج مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس سردار اعجاز اسحاق، جسٽس ارباب طاهر ۽ جسٽس ثمن رفعت کي مستقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب حتمي منظوري لاءِ ججن جا نالا ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي کي موڪليا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو