جي ڊي اي اڳواڻ قتل، مختلف حادثن ۾ 4 فوت ۽ 5،زخمي

جي ڊي اي اڳواڻ قتل، مختلف حادثن ۾ 4 فوت ۽ 5،زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) جي ڊي اڳواڻ ۽ گهوٽڪي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر نامعلوم حملي آورن هٿان قتل ٿي ويو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيش آيل حادثن ۽ واقعن سبب ان سميت 5 فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. ***ميرپورماٿيلو مان ظهير وسير موجب عيد گاهه روڊ تي 2 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ضلع ڪائونسل ميمبر حاجي ممتاز ڇڄڻ مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. کيس زخمي حالت ۾ وارث سرڪاري اسپتال کڻائي آيا پر هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو.  سندس موت جي خبر علائقي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. وارث لاش کڻائي گهر آيا. علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي، پوليس پراڻي دشمني جو شڪ ڏيکاريو آهي. ***ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب منصور ڪالوني ۾ جوابدار شفيق ڏيپرگهر ۾ گهڙي نوجوان عورت صائمه ڏيپر کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو بعد ۾ جوابدار پاڻ کي ڇرا هڻي مرڻينگ ڪري وڌو نوجوان ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو .

ناري جي والد علي خان ڏيپر ٻڌايو ته جوابدار کي سڃاڻا نه پيو هو اسان جي گهر ۾ ڪاهي پيو ۽ حملو ڪيائين. جوابدار پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پاڻ تي ڇرين جا وار ڪري پاڻ کي زخمي ڪيو . جوابدار شفيق ڏيپر زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان خان ڳوٺ جو رهواسي احمد خان ڏيپر جو پٽ آهي. ايس ايڇ او ميهڙ نور مصطفي پٺاڻ ٻڌايو ته ناري صائمه پاران ڪجهه مهينا اڳ ميهڙ ڪورٽ مان پنهنجي مڙس نادر ڏيپر کان طلاق ورتي هئي جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي فوتي نوجوان جو لاش 8 ڪلاڪن کان پوء وارث کڻائي ويا.***خانپور مان زبير ابڙو موجب انڊس هاءِ وي تي ڪرمپور لاڙو ڀرسان تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪرجي  نتيجي ۾ ڳوٺ جمعو جعفري جا رهواسي گل حسن شيخ سندس پٽ شهمور شيخ، ممتاز جعفري ۽ نور خان جعفري زخمي ٿي پيا.

جن کي موقعي تي موجود ماڻهن پرائيوٽ گاڏين ۾ خانپور اسپتال پهچايو . گل حسن شيخ  ۽ سندس جي پٽ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور اسپتال نيو ويو جتي زخمي گل حسن شيخ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو .***لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد  ابڙو موجب شاھ بهارو ڪالوني ۾ سعيد احمد سومرو جي 3 ورهين جي نياڻي عنزل پاڙي ۾ گندي پاڻي جي گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي.*** ميرپورخاص مان سيدبشيرشاھه موجهب دلبر مھر ٿاڻي جي حد ايل بي او ڊي سم نالي ۾ لڙھندڙ لاش جي سڃاڻپ جھول جي ڳوٺ پريو ٻٻر واسڻ 80 ورھين جي صاحبزادي زال امام بخش ٻٻر طور ٿي. سندس ڏوھٽي شاھنواز ٻٻر ٻڌايو ته ھفتو اڳ احساس ڪفالت پروگرام جا پئسا وٺڻ لاءِ جھول وڃي رھي ھئي ته پيرترڪڻ سبب سم نالي ۾ ڪري پئي جنھن جي ڪافي ڳولا ڪئي اڄ اطلاع تي پھتاسين ڪپڙن مان لاش جي سڃاڻپ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو