نوشھرو فيروز )رپورٽ منظور ملڪ(ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار ختم ڪرائڻ , فيصلي ۽ امن لاء جي يو آءِ اڳواڻن جو ميڙ منٿ قافلو ڀرٽ برادريء وٽ پھچي ويو . مرڪزي اڳواڻن مرحوم ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو فرزند مولانا طارق محمود سومرو , مولانا عبدالرحمان ڏنگراچ , مولانا عبدالعليم گھانگھرو , مولانا محمد رمضان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ عالمن ۽ جي يو آء جي ڪارڪنن تي مشتمل منٿ ميڙ قافلو مٺياڻيء مان ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ ڀرٽ برادريء جي چڱي مڙس وڏيري امام علي ڀرٽ وٽ پھچي ويو , ان موقعي تي جي يو آء اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته اسين اوھان وٽ امن ڪرائڻ ۽ اوھانکي فيصلي لاء آماده ڪرڻ لاء ھي منٿ ميڙ قافلو وٺي آيا آھيون , جنھن تي ڀرٽ برادريء جي وڏيري امام علي ڀرٽ , وڏيري عتيق احمد ڀرٽ ۽ سندن وٽ ويٺل ڀرٽ برادري موٽ ڏيندي چيو ته اسانکي جي يو آء جي اڳواڻن ,عالمن ۽ سندن ڪارڪنن لاء لک عزت آھي , اسان به امن چاھيون ٿا , اسان جھيڙو نه ڪرڻ جو يقين ڏياريون ٿا , اسان فيصلي ڪرڻ لاء راضي آھيون ,سولنگي برادري جتي به چاھيندي اتي ساڻن فيصلو ڪنداسين ,ھنن وڌيڪ چيو ته اسان علائقي جو امن بحال ڪرائڻ چاھيون ٿا , واضع رھي ته اشفاق ڀرٽ ۽ سيما سولنگيء پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تان سولنگي ڀرٽ برادرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار ۾ ھينئر تائين ٻنھي ڌرين جا ٻه ٻه ڄڻا يعني ڪل چار ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن ,ڌريون مورچه بند آھن , ۽ جھيڙي سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا لڏو کڻي محفوظ ھنڌن ڏانھن وڃي چڪا آھن.










