گهوٽڪي (ن س)ميمبر قومي اسيمبلي سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪريون پيا، ضلعي جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد ضلعي ۾ تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ جيل ۾ سولر سسٽم اسڪيم جو افتتاح ڪندي ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد عثمان عبدﷲ، ايس ايس پي تنوير تنيو، اي سي گهوٽڪي رانا امتياز محسن، اي سي خانڳڙه بابر علي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميمبر قومي اسيمبلي خطاب ڪندي چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي تعاون سان ڊسٽرڪٽ جيل کي 65 ڪي ڊبليو جو سولر سسٽم فراهم ڪيو آهي ته جيئن لوڊشيڊنگ دوران قيدين جون مشڪلاتون گهٽ ٿين. هن چيو ته انساني حقن تحت جيل ۾ قيد ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ هڪ بهتر قدم آهي جنهن تي اسين ماڙي پيٽروليم ڪمپني جو شڪريو ادا ڪريون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ته ڪمپني مستقبل ۾ به انسانيت جي فلاح لاءِ ڪم ڪندي رهندي. ان کان اڳ جيل سپريٽنڊنٽ شهاب آجياڻيو خطاب ڪندي چيو ته ڊسٽرڪٽ جيل واري علائقي ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي جنهنڪري قيدي شديد تڪليف کي منهن ڏين ٿا، سولر سسٽم بعد بجلي جو وڏو ۽ اهم مسئلو حل ڪيو ويو آهي جنهن تي اسين ايم اين اي ۽ ضلعي انتظاميه جا ٿورائتا آهيون. بعد ۾ ايم اين اي پاران ميرپور ماٿيلو ويجهو ڪوري کوه کان ڏنو ماڪو سميت حيات پتافي جي روڊ جو افتتاح ڪيو ويو










