اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته جيل ملاقاتن ۾ سياسي گفتگو تي پابندي غير آئيني آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل ملاقاتن ۾ سياسي بحث تي پابندي واري شق کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان شير افضل مروت جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته قيدين جي سياسي گفتگو تي مڪمل پابندي آئين جي اظهار جي آزادي جي شقن سان ٽڪراءَ ۾ آهي.رپورٽ موجب عمران خان جي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتن تي پابندي جو سبب جيل رولز جي ان شق کي ٻڌايو ويو، رپورٽ موجب عمران خان جي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتن تي پابندي جو سبب جيل ضابطن جي اها شق ٻڌايو ويو. جنهن بعد شير افضل مروت طرفان داخل درخواست ۾ جيل رولز جي آرٽيڪل 265 کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.










