جيش محمد جي مسعود اظهر کي دهشت گرد قرار ڏيارڻ بابت چين جو امريڪا کي چتاءُ

بيجنگ (م ڊ) چائنا امريڪا کي جيش محمد کي بليڪ لسٽ ڪرڻ واري معاملي تي خبردار ڪيو آهي ته هوان معاملي تي دانائي کان ڪم وٺي. اهڙواظهار چائنا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته ان معاملي تي امريڪا “سينڪشن ڪاميٽي” کي باءِ پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو مناسب ۽ معمول وارو طريقه اختيار نه پيوڪري. هن چيو ته امريڪا جو اهڙو قدم سينڪشن ڪميٽي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو۽ مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪندو. اسان کي اهو مسئلو ڳالهين ذريعي نبيرڻ گهرجي. واضح رهي ته اربع واري ڏينهن امريڪا جيش محمد جي اڳواڻ مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏيڻ لاءِ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ قراردات جمح ڪرائي هئي. چائنا اڳ به ان معاملي تي پنهنجو ويٽو استعمال ڪري چڪي آهي. ڀارتي ڪشمير ۾ 14 فيبروري تي پلواما ضلع ۾ ٿيل خود ڪش حملي بعد اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرءَ 1267 هيٺ اهو معاملو سينڪشن ڪميٽي ۾پيش ڪيو هو. مسعود اظهر جي تنظيم جيش محمد تي سلامتي ڪائونسل 2001 ۾ پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي۽ پاڪستان پاران جيش محمد سان 2002 کان لاتعلقي جو  اعلان ڪري چڪو آهي. تازو ايشيا پيسفڪ گروپ، پاڪستان پاران پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ڪيل اپائن ۽ قانون سازي بابت جائزو وٺڻ لاءِ جيڪو وفد موڪليو هو ان پاڪستاني اپائن تي عدم اطمينان ظاهر ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو