جو بائيڊن بيمار آهي کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڊاڪٽر

جو بائيڊن بيمار آهي کيس استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڊاڪٽر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس جي اڳوڻي ڊاڪٽر روني جيڪسن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن کي صحت بابت شديد قسم جا مسئلا آهن جيڪي اڃا وڌيڪ خراب ٿيندا، هو صدارتي ذميواريون پوريون نٿو ڪري سگهي. اڳوڻي صدر باراڪ ابامه ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ وائيٽ هائوس جو فزيشن رهندڙ ڊاڪٽر روني جيڪسن جو چوڻ آهي ته شديد ذهني ۽ صحت جي مسئلن جي ڪري امريڪي صدر جوبائيڊن عهدي تي وڌيڪ ڪم جاري رکڻ جو اهل ناهي، ڊاڪٽر روني جو چوڻ آهي ته 79 سالن جي بائيڊن کي مجبور ڪيو ويندو ته هواستعفيٰ ڏئي، بائيڊن مستعفي نه ٿيو ته 25 هين ترميم ذريعي هن کي هٽائڻو پئجي سگهي ٿو، واضح رهي ته جوبائيڊن اربع تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيترائي ڀيرا اٽڪيو۽ هن کان ڪافي ڳالهيون وسري ويون، هڪ مهينو اڳ به رپورٽر جي سوال تي جواب ڏيندي هن کيسي مان پرچو ڪڍي پوءِ جواب ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو